اوٻاوڙو (رپورٽ: منيراحمدگرگيج) اوٻاوڙو ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺاڻن جو زمين تي قبضو ڪندڙ بااثر ماڻھن جي خلاف احتجاجي مظاھرو ان موقعي تي علي شير مزاري فيض الاھي مزاري غلام محمد مزاري ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌائيندي چيو ته ديھ ملوڪ مياڻي ۾ اسان جي 25 ايڪڙ قبولي زمين آھي جنھن تي عمر بخش خاوندبخش پيربخش ۽ ٻين زمين تي قبضو ڪيو آھي ۽ اسان جي گھر تي ھٿيارن سان حملو ڪري فائرنگ به ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ يار علي مزاري ۽ رشيد مزاري سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لا۽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته قبضو ڪندڙ عمر بخش مزاري تي بااثر ماڻھن جي سپورٽ آھي ۽ اسان جي جان کي خطرو آھي ھنن بلاول ڀٽو زرداري وزير اعلي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان گھر ڪندي چيو ته بااثر عمر بخش مزاري ۽ ٻين مٿان قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
