بوٽ پالش ڪندڙن سان ڳالهيون نه ٿينديون، شهباز شريف وٽ ڇا آهي، جو ساڻس ڳالهيون ڪجن؟ عمران خان

مريدڪي (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، وزيراعظم شھباز شريف پاران آرمي چيف جي مقرري بابت ڏنل بيان تي رد عمل جو اظھار ڪيو آھي. آزادي مارچ جي ٽئين ڏينھن مريدڪي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ ھو ته شهباز شريف! مان بوٽ پالش ڪندڙن سان ڳالهيون نه ڪندو آهيان، مان انهن سان ڳالهيون ڪيون جن سان ملڻ لاءِ تون گاڏيءَ جي ڊگي ۾ ويهي ملڻ ويندو آهي. عمران خان لانگ مارچ  کي خطاب ڪندي چيو ته مون انهن سان ڳالهيون ڪيون جيڪي تو کي اشارن تي هلائي رهيا آهن، شهباز شريف مان تو ڏي پيغام ڇو موڪليندس، تو وٽ ڇا آهي جو تو سان ڳالهيون ڪجن؟ هن چيو ته مان ڪنهن ملٽري ڊڪٽيٽر جي نرسري ۾ ناهيان پليو، آزاد ماڻهو آهيان، مري سگهان ٿو ته غلامي نٿو ڪري سگهان، قوم هن حڪومت کي نٿي مڃي، اڄ ڏسو قوم ڪٿي بيٺي آهي، مان اسٽيبلشمينٽ سبب نه عوام جي طاقت سان آيو هيس. سندس چوڻ هو ته فوج به منهنجي آهي ۽ ملڪ به منهنجو آهي، فوج تي تعميري تنقيد ڪندو آهيان، اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺا آهيون، ڀارت غلط فهمي ۾ نه رهي، مان رڳو قانون جي حڪمراني چاهيان ٿو، عوام جي حقن جي حفاظت چاهيان ٿو. مونکي اسٽيبلشمينٽ جي نه پهرين ضرورت هئي، نه هاڻي آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته منهنجي طرفان آرمي چيف کي مُدي ۾ واڌ جي آڇ ٿيڻ تائين اُهي فيصلو ڪري چڪا هئا ته رجيم چينج کي نه روڪيو ويندو، هو روڪي سگهن پيا، پر ائين نه ڪيو. مارچ کي خطاب ۽ ھڪ بيان ۾ عمران خان جو چوڻ ھو ته ايوانِ صدر ۾ ملاقات بابت عمران خان چيو ته آرمي چيف سان ٿيل اها ملاقات ڳجهي نه هئي، رڳو اُن کي پبلڪ نه ڪيو، ملاقات جي هڪ ئي ايجنڊا هئي ته شفاف چونڊون ڪرايون وڃن

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں