لاهور (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عمران خان لاءِ پنهنجي ذات پاڪستان کي نقصان پهچڻ کان وڌيڪ آهي. لاهور ۾ يوٽيوبرز سان گفتگو ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سعودي عرب ۽ چين پاڪستان جا پراڻا دوست آهن، ٻنهي ملڪن سدائين ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو پر عمران خان ٻنهي ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪيا، سعودي عرب عمران خان کي وزيراعظم طور قيمتي گهڙي تحفي ۾ ڏني، عمران خان کي 14 يا 18 ڪروڙ جي گهڙي تحفي ۾ ڏني وئي پر هن کپائي پئسو پنهنجي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو. هن چيو ته عمران خان تحفا کپائي تحفا ڏيندڙ ملڪ جي سربراهه جي توهين ڪئي، عمران خان تحفا توشا خانا ۾ جمع ڪرائڻ کان اڳ کپايا، تحفا اڳ ۾ کپايا ويا، پوءِ ان جو حصو توشا خانا ۾ جمع ڪرايو ويو، مون کي جيڪو تحفو مليو اهو عمران خان کي ملندڙ گهڙي کان به مهانگو آهي پر مان اهو توشا خانا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. لانگ مارچ بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته عمران خان سان گڏ هن وقت ماڻهو هوندا، ماڻهو هٽلر سان گڏ به هئا، هٽلر جرمني جي معيشت کي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ ڪم ڪري ڏيکاريو پر پوءِ پنهنجي هٿن سان سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيائين، هٽلر ڪم ته ڪيو پر عمران خان چئن سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيو، هو جلسن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي نٿو ٻڌائي سگهي، هن ملڪ سان دوکو ڪيو. سندس موجب اداري سوچيو هوندو ته عمران خان کي سپورٽ ٿا ڪيون شايد ملڪ جي حالت بهتر ٿئي پر جنهن اداري عمران خان کي پاليو، هن ان خلاف ئي زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڏائڻ به ٽي گهر ڇڏي حملو ڪندي آهي پر عمران نيازي پاڪ فوج تي حملا ڪيا، عمران خان پاڪ فوج جي جوانن ۽ شهيدن کي به نه ڇڏيو، مان سمجان ٿو ته جيڪو وطن جو ناهي اهو ڪنهن جو ناهي. شهباز شريف چيو ته علي امين گنڊاپور جي آڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڪو چريو ئي هوندو جيڪو چوندو ته لانگ مارچ خوني ناهي، عمران خان لاءِ پنهنجي ذات ملڪ کان مٿي آهي، ڇو ته هو پاڻ کي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو، عمران خان ناپاڪ مقصد لاءِ لانگ مارچ ڪيو، خوني مارچ جو ڪنهن کي فائدو ٿيندو؟
