دادوءَ ۾ 2013ع ۾ ماستريءَ لاءِ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جو احتجاج

دادو(ڊ ر) دادو ۾ اين ٽي ايس 2013 پاس ڪندڙ اميدوارن احتجاجي مظاهرو ڪري دادو پريس ڪلب اڳيان فدا حسين لغاري، جاويد لغاري، منور سيال، صنم، تسليم پنهور، بينظير سولنگي ۽ ٻين  سيڪريٽري تعليم غلام اڪبر لغاري صوبائي وزير تعليم سردار شاه ۽ سي ايم سنڌ مراد علي شاه خلاف سخت نعريبازي ڪئي،   ميڊيا آڏو دانھيو ته اسان اين ٽي ايس پاس اميدوار پنهنجو حق گهري رهيا آهيون توهان  20000هزار سيٽن مان 12000 ڀرٿي ڪيا باقي سيٽن جو اسان کي ويٽنگ ۾ ڇو رکيو ويو، وزيرن سٺو سنڌ جي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي  جنهن طرح سان  جهالپ جو مظاهرو ڪيو آهي اهڙو ڪو سنڌ جو دشمن به ڪون ڪندو اسين دهشتگرد نه آهيون، پر اسان کي ايترو به مجبور نه ڪيو جو توهان جي پتلن کي ساڙيون ۽ هر جاءِ تي رستا روڪ ڪيون، اسين پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پر امن احتجاج ڪريون ٿا ته  اسان کي پنھنجا حق ڏئي آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ 2 نومبر تي ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں