ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ صحافي اتحاد ڪراچي جي آرگنائيزر ماجد سمون، لياقت عباسي ۽ منصور کوکر جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي مک گيٽ وٽ گڏ ٿي سينئير اينڪر پرسن ارشد شريف جي قتل، صحافين تي حملن ۽ صحافي برادري کي ملندڙ ڌمڪين خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي ماجد سمون، لياقت عباسي، منصور کوکر، نصر الله جمالي ۽ ٻين خطاب ڪندي ڪينيا ۾ سينئير اينڪر پرسن ارشد شريف جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پاڪستان سرڪار مٿان زور ڀريو ته واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي قتل جي سازش ۾ شريڪ سمورن ڪردان کي وائکو ڪيو وڃي ۽ ڪينيا حڪومت سان جاچ ۾ مڪمل سهڪار ڪري اصل جوابدان کي جوڳيون سزائون ڏياريون وڃن. صحافي اڳواڻن چيو ته سنڌ صحآفين لاءِ خطرناڪ علائقو بڻجي ويو آھي حڪومت صحافين جي جانين جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي. احتجاج ۾ صحافين اظھر ڀٽو، واحد موسيٰ، مرتضيٰ لغاري، نصر الله جمالي، عباس پٺاڻ، محمد علي کوکر، لجپت راءِ مظلوم، مجيب سنديلو، سارنگ زين چانڊيو، سيد ڪرم علي شاهه، علي مرتضيٰ، وسيم گبول، نور محمد عباسي ۽ اعجاز ڪورائي کان علاوه سماج سڌارڪ ڊاڪٽر ورما جيسراڻي. اديب خليل چانڊيو، ايس ٽي پي اڳواڻ مظفر سانڊاڻو، عبدالستار وسطڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
