“غذري سورما” رنڌير سنگھ; مختصر جائزو!

اظھر علي
“غذري سورما” انڌير سنگھ جو غذري پارٽي جي جدوجھد تي لکيل ڪتاب پيپاڪ طرفان 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. جنھن جو ترجمو “سائين امان الله شيخ” صاحب ڪيو آھي. ھن ڪتاب کي پنھنجي لائبريري ۾ شامل ڪرڻ پٺيان ھڪڙو ئي سبب ھيو ته ھن متعلق انتحائي قابل دوستن جي مثبت راءِ ھئي ۽ يقينن ڪتاب ۾ اڻٿڪ جدوجھد کي انتحائي زبردست انداز ۾ لکيو ويو آھي، جو انقلابي ذھن رکندڙ ماڻھوءَ جو ايمان نئي سر تازو ٿيو پوي!. غذري سورما بنيادي طور تي “سکن” تي مشتمل انقلابي پارٽي جي دردناڪ ڪھاڻي آھي، جيڪا پھريان ته بدبودار بادشاھي نظام ۽ پوءِ بيٺڪيتي راڄ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل معاشي بحران، ظلم، غلامي ۽ بربريت کان بچندي، برما، ملايا، سنگاپور ۽ ھانڪانگ جو رخ ڪيو، تنھن کانپوءِ سُتت ئي آمريڪا ۾ محنت جو معاوضو وڌيڪ ملڻ ڪري آمريڪا طرف ڪاھي پيا جتي پيئسا ڪمائڻ باوجود به کين حڪارت جي نگاھ سان ڏٺو پئي ويو. ان دوران جڏھن آمريڪا ۾ معاشي بحاران جي نتيجي ۾ اتان جي مزدور سرمائيدار رياست جو گلو پڪڙڻڻ شروع ڪيو ته ھيءُ ھمراھ پيٽي سرمائيدارانه روِش اختيار ڪندي نيوٽرل ٿي مال ڪمائڻ ۾ ئي مصروف رھيا ۽ اتان جي سرمائيدار طبقي آمريڪي جي مزدور خلاف کين استعمال ڪيو، جنھن ڪري اتان جي مزدور طبقي به کين حڪارت جي نگاھ سان ڏسڻ شروع ڪيو ۽ اتان جي عام ماڻھن جا طعنٰي، حڪارت ڀري نگاھ سان ڏسڻ ۽ آمريڪا جي جمھوريتي راڄ جي نتيجي ۾ عام ماڻھن جي آزاد زندگي گذارڻ ،کين وڏو اتساھيو ته ھو به پنھنجي غلام وطن جي پيرن ۾ ٻيڙيون لڳل ساٿين جي ڪا واھر ڪن ۽ انھي احساس جي نتيجي ۾ سوھن سنگھ بکنا جي اڳواڻي ۾ غذري پارٽي وجود ۾ آئي، جنھن جي 13 مارچ 1913ع ۾ پھرين گڏجاڻي ٿي. ھن آزادي جي متوالن سکن جي ٽولي ۾ مولوي برقت به ھو ته عبدالله، آمريڪا ۾ غلامي جو اصل مطلب سمجھندي ھنن بادشاھي راڄ ۽ برطانوي راڄ خلاف ھٿيار بند جدوجھد جو عھد ڪيو ۽ پھري مھاڀاري لڙائي کانپوءِ ھنن جوڌن ھندستان جو رخ ڪيو، جاتي لھڻ شرط ئي کين برطانوي سرڪار گرفتار ڪري ڪجھ مکيه اڳواڻن کي ڦاسي جي سزا،ڪجھ کي عمر قيد ۽ ڪجھ ماڻھن کي جلاوطني جي سزا ٻڌئي وئي ۽ بعد ۾ انھن جي ڦاسي جي سزا کي عمر قيد ۾ تبديل ڪيو ويو. تنھن ھوندي به غذر پارٽي جي ڪيترن ئي مکيه اڳواڻن مان ڪجھ کي ڦاسي چاڙھيو ويو،ڪجھ کي قيدو بندڪيو ويو ۽ ڪيترن کي انڊيما ٻيٽ تي قيد ڪري سخت سزائون ڏنيون ويون. ان باوجود به انھن مرد مجاھدن برطانوي سامراج کي معافي نامو لکڻ کان نابري انڪار ڪري ڇڏيوـ ته وري ٻئي پاسي ڪيئناڊا 1910ع، لڏ پڏاڻ ايڪٽ تحت لڏپڏاڻ جا قانون سخت ڪري ۽ نوان قائدا جوڙي ڇڏيا جن ۾ ڪئناڊا ايندڙ وٽ 200 ڊالرن سان گڏوگڏ پنھنجي وطن واپسي جي ٽڪيٽ به ھجي،جيڪو ھندستاني پنھاگيرن لاءِ تمام مشڪل ھيو ڇو ته ايترو ناڻو ھنن مزدور ماڻھن لاءِ گڏ ڪرڻ ھڪ وڏو چيلنج ھو. نيٺ ھنن فوڙي ڪري اھي پئسا گڏ ڪيا ۽ بحري جھاز ذريعي ڪوماگاٽا بندرگاھ تي لنگرانداز ٿيا ته اتان جي سرڪار کين لھڻ نه ڏنو ۽ نيٺ ڪيترا ئي ڏينھن ٻيڙي ۾ رھڻ کانپوءِ جھاز واپس موڙيو ويوـ غذر پارٽي ھندستان ۾ موجود فوجي سپاھين ذريعي جيڪي پورھيت ھارين جو اولاد ھئا،ھنن سپاھين جي برطانوي سرڪار لاءِ موجود ڪروڌ کي ڪيش ڪرائيندي فوجي بغاوتي انقلاب آڻڻ پئي چاھيو پر افسوس سندن اھا بغاوت ناڪام ٿي پئي.جنھن کانپوءِ سندن گھيرو اڃان تنگ ڪيو ويو. نيٺ انھي دوران رٙشيا ۾ سماجوادي انقلاب ڪامياب ٿيڻ تي سندن حوصلا اڃان پختا ٿي پيا ۽ قيد ۾ سندن مارڪسوادي قيدين سان ملاقات کين سماجوادي پارٽي ۾ شموليت تي قائل ڪري ڇڏيو ۽ حقيقي جدوجھد جي جوتِ روشن رکڻ لاءِ علمي جدوجھد کي عملي جدوجھد سان ڳنڍڻ تي آمده ٿي پيا. مختصر ھيءُ ته جيل ۾ ئي قيدو بند کانپوءِ ٻي مھاڀاري لڙائي ۾ جيڪي خوش قسمتي سان بچي ويا انھن جي سزا معاف ڪري آزادي ڏني وئي ۽ انھن مرد مجاھدن تڏھن به مختلف طريقن سان پورھيت انقلاب ۾ روحُ ڦوڪيندا رھيا .سندن اٽل حوصلن فرسوده بادشاھي راڄ ۽ بيٺڪيتي راڄ جي ٿنڀن کي لوڏڻ ۾ ڪا ڪسر باقي نه ڇڏي. يقينن غذري پارٽي جي انھن بھادر سورمن کي لال سلام!

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں