ساڌوڪي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ عمران خان جي ڪنٽينر هيٺان اچي نجي ٽي وي چئنل جي عورت رپورٽر فوت ٿي وئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ٽئين ڏينهن جاري هو ته ڪامونڪي ويندي رستي ۾ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ عمران خان ڪنٽينر هيٺان اچي نجي ٽي وي چئلن جي عورت رپورٽر فوت ٿي وئي. حادثي کانپوءِ عمران خان جي ڪنٽينر کي جي ٽي روڊ تي روڪيو ويو ۽ تحريڪ انصاف چيئرمين پاڻ به ڪنٽينر تان هيٺ لهي آيو. ريسڪيو ترجمان موجب عورت رپورٽر هڪ ڪنٽينر تان لهندي هيٺ ڪِري ۽ عمران خان جي ڪنٽينر هيٺان اچي وئي. حادثي کانپوءِ عمران خان مارچ روڪي ڇڏيو ۽ خطاب ۾ چيو ته بدقسمتي سان حادثو پيش آيو آهي، اسان کي ڪامونڪي وڃڻو هو پر مارچ کي روڪيو آهي، سڀاڻي ٻيهر مارچ شروع ٿيندو.
