ملير ۾ قومي عوامي تحريڪ جو، ڪراچيءَ جي مڇر ڪالونيءَ ۾ ٻن سنڌي نوجوانن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

ملير(ڊ ر) مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي تشدد بعد بي دردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن منان شيخ، مظهر راهوجو، اشفاق چنڙ، ناهيد جوڳي ۽ جساف جي جي ايم سيال، راشد سنڌي، نعمان ٽڳڙ، ذاڪر شاهه، صدام سرگاڻي،نانو ميراڻي ۽ ڪامران ميراڻي جي اڳواڻي ۾ملير پريس آڏو ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مڇر ڪالوني ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل ٻن سنڌي نوجوان جي قتل تي سنڌ حڪومت جي خاموشي ثابت ڪري ٿي ته پي پي سرڪار سنڌي ماڻهن سان ڪيڏي سچي آهي هنن چيو ته اقتدار جي نشي ۾ ڌت حڪمرانن کي شرم اچڻ گهرجي جن ڌرتي ڌڻين جو ووٽ تي هو اقتدار ۾ ويٺل آهن ان ڌرتي ڌڻي جي نوجوانن جي بيرحماڻي قتل تي ڪوبه نوٽس ناهي ورتو آهي، هنن چيو ته بيدردي سان قتل نوجوان جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي سڄي سنڌ سراپا احتجاج هجڻ ڪري نااهل حڪمرانن جي ڪن تي جوءِ به نه چري رهي آهي اڳواڻن چيو ته اهڙو واقعو پاڪستان جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ ٿئي هان ته وفاقي سرڪار ۽ ان صوبي جي حڪمران ڊوڙندا پڄي وڄن هان پر هتي پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان ماٽيلي ماءِ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڄي اڳواڻن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي معاملي جو نوٽس ورتو وڃي بيدري سان قتل ٿيل نوجوانن جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويو، قاتل گرفتار نه ٿيا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں