نوشهرو فيروز ۾ ڪراچيءَ ۾ قتل ڪيل نوجوان اسحاق پنهور جي وارثن، شهرين ۽ مختلف تنظيمن جو احتجاج

نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروزهڪ ڏينهن پهريان ڪراچي جي علائقي مڇر ڪالوني ۾ شهرين جي هجوم هٿان قتل ٿي ويل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني جي ملازم اسحاق پنهور جي وارثن، شهرين، سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو سوين شهرين ريلي ڪڍي قتل ٿي ويل اسحاق پنهور جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ بيگناه قتل ٿي ويل اسحاق پنهور جي نااحق قتل خلاف سندس گهرڀاتين، شهرين، سياسي ۽ سماجي ڌرين احتجاج ڪيو. احتجاجي جي اڳواڻي ساجد پنهور، شيراز پنهور، علي رضا سولنگي، بخت ٻرڙو، شهزاد پنهور، زاهد پنهور، مسعود پنهور، ڪامريڊ ڪليم سولنگي، مختار پنهور، عامر پنهور ۽ ٻين ڪئي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته شهيد اسحاق پنهور جي قاتلن کي قانون جي ڪٽهري ۾ آڻي سندس وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف شهيد اسحاق پهنور جي تڏي ويٺل ڳوٺ محمد هاشم پهنور ۾ سندس وارثن ذوالفقارعلي پهنور،يعقوب علي پهنور،عبدالرزاق پهنور ۽ ٻين پيو ته اسحاق پهنور پنهنجي سموري خاندان ۾ واحد ڪمائڻ وارو نوجوان هوندو هو جيڪو روزگار سانگي ڪراچي ۾ هڪ ٽيلي ڪميونيڪيشن ڪمپني ۾ ملازمت ڪري پنهنجي سموري گهر ڀاتين جو پيٽ گزر ڪندو هو جيڪو انتها سادو نوجوان هوندو هو هن ڪڏهن ڪنهن سان جهيڙو نه ڪيو ظالمن هروڀرو کيس بيدردي سان شهيد ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته اسان سنڌ جي وڏي وزير آءِ جي سنڌ سميت چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوانن جي قتل ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏياري وڃي ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين جڏهن ته ڳوٺ محمد هاشم پهنور ۾ وڇايل شهيد اسحاق پهنور جي تڏي تي نوشهروفيروز ضلعي جي ڪيترن سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي پر تڪ جي چونڊيل ايم اين اي ذوالفقاربيهڻ ۽ ايم پي اي ممتاز چانڊيو وارثن وٽ پهچي هن وقت تائين تعزيت ڪرڻ جي لاءِ ناهن پهتا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں