ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان نيٺ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي، نيڌرلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست

پرٿ (م ڊ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان نيڌرلينڊ کي 6 وڪيٽن تان هارائي ميگا ايونٽ ۾ پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي. آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ پاڪستان پنهنجي ٽين ميچ نيڌرلينڊ خلاف پرٿ ۾ کيڏي، جتي نيڌرلينڊ جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. نيڌرلينڊ جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 91 رنسون ٺاهي سگهي، ڪولن ايڪرمين 27 ۽ اسڪاٽ ايڊوارڊس 15 رنسون ٺاهيون، ٻين مان ڪو ڊبل فگر ۾ به نه پهتو. پاڪستان طرفان شاداب خان بهترين بالنگ ڪرائيندي 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد وسيم 2، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 13.5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. محمد رضوان 49 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، ڪپتان بابر اعظم 4، فخر زمان 20، شان مسعود 12 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، جڏهن ته افتخار احمد 6 ۽ شاداب خان 4 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا. واضح رهي ته ميگا ايونٽ ۾ قومي ٽيم اها پهرين ڪاميابي ماڻي آهي، ان کان اڳ گرين شرٽس کي ڀارت ۽ زمبابوي هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. پاڪستان ٽيم 3 نومبر تي ڏکڻ آفريقا سان مهاڏو اٽڪائيندي، جڏهن ته آخري رائونڊ ميچ 6 نومبر تي بنگلاديش خلاف کيڏندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں