ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڄام فيملي جي اڳواڻ نواب ڄام ڪرم علي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال، صوبي کي درپيش چئلينجز، ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي قدمن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر سنڌ چيو ته ڄام خاندان صوبي جي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رھيو آهي. هن چيو ته مان صوبي جي مسئلن جي حل لاءِ سڀني وٽ ويندس ۽ منهنجي پهرين ترجيح اھا آهي ته صوبي جي عوام جا مسئلا گهٽ ڪرڻ ۾ ڪجھ اپاء وٺان. گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته هو وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندس ته جيئن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهجي. نواب ڄام ڪرم علي سنڌ جي گورنر کي صوبي جي ڀلائي لاءِ شروع ڪيل انتظامن ۾ ڀرپور سھڪار جو يقين ڏياريو ۽ کيس سنڌ جي گورنر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته نوجوان اسان جو مستقبل آهن، انهن جي بهتر تعليم ۽ تربيت ڪري ئي اسان ملڪ جو مستقبل محفوظ ۽ مستحڪم بڻائي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته قائداعظم محمد علي جناح جي فرمان موجب نوجوان ئي ملڪ جي مستقبل جا معمار آهن ۽ اھي ئي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهن ٿا.اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي گورنر سيلاني انٽرنيشنل ويلفيئر ٽرسٽ تحت ماس آءِ ٽي ٽرينگ پروگرام جي لاء ٽيسٽ جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو.
