ٺٽو(ڊ ر) ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ ٻن نوجوانن جي بيرحماڻي قتل واري واقعي خلاف جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين سينيئر قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ ايڌي سينٽر کان پريس ڪلب ٺٽو تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو ريلي ۾ جسقم سينيئر اڳواڻ آصف بالادي رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، نوري ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي چيئرمين ياسمين شاھ، قومپرست اڳواڻ غلام نبي کٽي، جسقم حيدرآباد جي صدر لياقت ملاح، جسقم اڳواڻ بابو خشڪ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ريليء ۾ شرڪت ڪئي ريليء ۾ شريڪ ڪارڪنن پاران مڇر ڪالوني واقعي جي جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏيو ڌارين کي نيڪالي ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا لڳايا ويا ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته هن وقت هٿ وٺي سنڌ ۾ حالتون خراب ڪيون پيون وڃن، رياستي ادارا ڌرتي ڌڻين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويا آھن. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڌارين جي وڌندڙ آبادڪاري ۽ ڪراچي ۾ غير مقامي وڳوڙين جي سرگرمين سبب سنڌ واسي عدم تحفظ جو شڪار آھن مڇر ڪالوني سانحي ۾ جنوني هجوم ۾ شامل سمورا ڌاريا آھن جن ۾ ڪو به سنڌي شامل نه آھي ھن وڌيڪ چيو ته جن تعصب جي بنياد تي نوجوانن کي بيدردي سان تشدد ڪري قتل ڪيو آھي سڄي سنڌ جو شعور اڄ ان واقعي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آھي آصف بالادي چيو ته حڪمرانن کي هاڻي اکيون کولڻيون پونديون سنڌ جي نوجوانن کي سنگسار ڪري قتل ڪرڻ جو سنڌ حساب وٺندي ريلي کانپوء قومپرست اڳواڻن طرفان قافلي جي صورت ۾ انجنيئر جاويد جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي.
