ڏوڪري(ن س)ڏوڪري ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد مڱريو سپاھ سميت مخلتف هنڌن تي ڇاپا هڻي ٽي جوابدار ذوالفقار ڏيرو، منير بروهي ۽ سجاد شيخ کي چوري ٿيل سامان سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي ايس ايڇ او محمد مڱريو، وڏو منشي شير خان ککراڻي، اي ايس آءِ رستم جروار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري شهر مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو ويو آهي ۽ ٽي جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته قاضي جميل احمد جوڻيجو کي سولر پليٽ، پپن ڍڪڻ جي سولر پليٽ، صدام حسين ميراڻي جي موبائل فون روڪ رقم، بلاول شمن خان جوڻيجو جي موٽر سائيڪل ۽ جوابدارن کان اسٽينڊ پکو، بندوق 1500 گرام چرس برآمد ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جلد شهر مان وڌيڪ ٿيل ڏوھ رڪور ڪرائي مالڪن جي حوالي ڪيا ويندا.
