ڪراچي ۾ دهشتگردن هٿان 2 نوجوانن جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرا، ماڙيپور روڊ ڪيئي ڪلاڪ بند

ڪراچي (رپورٽ: نصرالله جمالي) ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ بي دردي سان نوجوانن جي قتل خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪالھ ڪراچي جي مختلف علائقن  ماڙي پور روڊ ۽ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو ويو ماڙي پور تي احتجاج سبب ايندڙ ويندڙ رستا ٽئي ڪلاڪ بند رھيا جنهنجي نتيجي ۾ ٽريفڪ جون قطارون لڳي ويون. جنهن تي  ڊي آءِ جي ڏکڻ ۽ ايس ايس پي ڪيماڙي جي ھدايت تي ڊي ايس پي عمران جاگيراڻي پھچي مظاھرين سان ڳالهائيندي چيو تہ مڇر ڪالوني ۾ قاتلن خلاف ڪارروائي جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ مک جوابدار سميت چاليھ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن مان اٺ ڄڻن جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي جڏهن تہ مسجد جي مولوي سميت ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن انھن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو پوليس جي خاطري بعد مظاهرو ڪندڙ پر امن ٿي احتجاج ختم ڪري ڇڙو ڇڙ ٿي ويا . جڏهن تہ ان کان اڳ مڇر ڪالوني ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي ملازمن ايمن سعد جاويد ۽ اسحاق پنهور کي غيرانساني تشدد ذريعي مارڻ واري واقعي خلاف ۽ قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاءِ مختلف سياسي سماجي قومپرست تنظيمن سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسقم، عوامي جمهوري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ رياض، جيئي سنڌ محاذ خالق، سنڌ عوامي سٿ،نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي ،عوامي راڄ تحريڪ مڇر ڪالوني اڳيان مين ماڙي پور روڊ کي بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ۽ قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ لاءِ شديد نعريبازي ڪئي ٽئي ڪلاڪ ڌرڻي سبب ٽاور ماڙي پور جا ٻئي روڊ بلاڪ ٿي ويا ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي رياض چانڊيو چيو ته ڪراچي ۾ سنڌين کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي هڪ سازش ڌارين کي آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي ڪراچي مان بي داخل ڪرڻ لاءِ مڇر ڪالوني جهڙا واقعا ڪرايا پيا وڃن جنهن ۾ پ پ به ڌارين سان ٻٽ بڻيل آهي ايس ٽي پي اڳواڻ خير محمد مگسي ،محمد حيات تنيو، مبارڪ ڀٽي چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترائي ئي ڀيرا سنڌي نوجوان قتل ڪيا آهن ۽ هٿ وٺي سنڌين خلاف خوف وارو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي ڪراچي اسان جي تاريخي وطن جو تخت گاهه آهي جنهن جا وارث صرف سنڌي آهن بي رحماڻي قتل ۾ ملوث قاتلن کي سخت پڪڙ ۾ آڻي سزا ڏني وڃي جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ چيو ته نوجوانن کي بي گناهه ماريو ويو آهي جنهن ۾ هڪ مولوي به ملوث آهي جنهن مسجد ۾ ڪوڙو اعلان ڪري ماڻهن کي مشتعل ڪيو سمورن غير قانوني بنگالين کي نيڪالي ڏئي قاتلن کي ڦاهي ڏني وڃي عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ رشيد سڌايو، سعيده گوپانگ چيو ته مڇر ڪالوني ۾ غيرملڪي رهن ٿا جن بي گناھ نوجوانن کي سنگسار ڪري پيغام ڏنو آهي ته ڪراچي سنڌين لاءِ نوگو ايريا آهي جسم اڳواڻ هاشم کوسو چيو ته مڇر ڪالوني واقعي خلاف سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي اسين گهر ڪيون ٿا ڪو به قاتل زنده نه رهي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي چيئرمين ممتاز بروھي چيو ته بنگالين پناهه گيرن ٻه ڳڀرو قتل ڪيا آهن هي دهشت گرد ۽ هر ڏوهه ۾ ملوث آهن هنن سگنل درست ڪندڙ سنڌي ملازمن کي سنڌي هجڻ جي ڏوهه ۾ ماريا آهن جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين سنڌ عوامي سٿ جي مرڪزي اڳواڻ رياض کيمٽيو چيو ته سنڌ اندر رهندڙ ڌارين دهشت گردي ۾ ملوث آهن جن کي کلي ڇوٽ ڏني وئي جنهن سبب ٻن بي گناهه نوجوانن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو مڇر ڪالوني ۾ رهندڙ دهشت گردن خلاف بي رحماڻو آپريشن ڪري مقتول نوجوانن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي دعا فائونڊيشن اڳواڻ حميرا ميمڻ چيو ته قانون جا رکوالا فوري نوٽيس وٺن ڇو ته لاشن جي به بي حرمتي ڪري ظلم جي انتها ڪئي آهي قاتلن سان به اهڙي سخت سزا ملڻ گهرجي عوامي راڄ تحريڪ اڳواڻن سراج چانڊيو، سارنگ پيرزادو چيو ته هي قتل صرف سنڌين جو نه پر سموري انسانيت جو قتل آهي جنهن جي سخت مذمت ڪجي ٿي ههڙي ظلم خلاف وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين وزيرن جي خاموشي تي افسوس آهي سنڌ جو سمورو شعور مطالبو ڪري ٿو ته ڪراچي ۾ ڌارين دهشت گرد جوابدارن ۽ انهن جي سهولتڪارن کي قانوني شڪنجي ۾ آڻي ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ڪروڙين عوام روڊن تي هوندو. ٻئي طرف  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ڪراچي ڊويزن ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران مڇر ڪالوني ڪراچي ۾ بيدرديءَ سان قتل ڪيل انجنيئر ايمن سعيد جاويد ۽ اسحاق پهنور جي قاتلن جي گرفتاري ۽ سزا لاءِ هڪ ڀرپور احتجاج ڪالھ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو ۽ ايس يو پي ڪراچي ڊويزن جو صدر منير مگسي، سارنگ جويو، رخسانا هاليپوٽو، سهڻي جويو، الاھي بخش بڪڪ ۽ مشتاق سرڪي ڪري رهيا هئا. احتجاج ۾ نوجوانن جي هٿ ۾ پلي ڪارڊ هئا جيڪي قاتلن جي گرفتاري ۽ کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ زوردار نعرا هڻي رهيا هئا. مظاهري ۾ ڳالهائيندي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي نائب صدر اعجاز سامٽيو چيو ته ڪراچي اندر سنڌي نوجوانن جو ايئن بي دردي سان قتل ان ڳالھ جو واضع ثبوت آهي ته سنڌ اندر قانون نالي ڪا به شي ناهي ۽ هتي جهنگ جو قانون رائج آهي، جنھن کي وڻي پنهنجي عدالت ٺاهي بي ڏوهين کي سنگسار ڪري پر کين پڇڻ وارو ڪونهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں