ڪوٽڙي (رپورٽ:وقار ھيسباڻي) ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعي خلاف ڄامشورو پريس ڪلب تي اسد مڱريو، جبار ڪابورو وقار ھيسباڻي ،سليمان ڀلائي، عابد عباسي، مختيار شورو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جو بي رحماڻا قتل عام ڪنهن به صورت برداشت جوڳو ناهي نجي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ انجنيئر جاويد، ۽اسحاق پنهور کي بيگناھ تشدد جو نشانو بڻائي کين بيدردي سان قتل ڪرڻ واري عمل انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو آهي واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ته جيئن اهڙا واقعا ٿي نه سگهن هنن چيو ته ڌارين آبادڪارين ۾ سرچ آپريشن ڪري کين سنڌ مان بيدخل ڪيو وڃي.
