گهوٽڪيءَ ۾ پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ طرفان راجا مجيب جي ياد ۾ “تعزيتي ميڙاڪو”منعقد ڪيو ويو

گهوٽڪي(رپورٽ:ذوهيب اياز دايو)گهوٽڪي ۾ پاڪستان ڪسان مزدور تحريڪ مرڪز طرفان وفات ڪري ويل اڳواڻ راجا مجيب جي ياد ۾ “تعزيتي ميڙاڪو”منعقد ڪيو ويو ،سگا جي آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪرايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي پي ڪي ايم ٽي ۽ سياسي سماجي اڳواڻن عذره طلعت سعيد، مصطفيٰ بلوچ، ظهور احمد جويا، اياز لطيف دايو، الهورايو بوزدار، سڪندر اوڳاهي، رئوف پارس دايو، شاهين مهر، پروفيسر وجيش ڪمار ۽ ٻين چيو ته راجا مجيب گهوٽڪي ضلعي جهڙي جاگيرداري پسمنظر رکندڙ علائقي ۾ سردارن جي غلامي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي وڏيرڪي غلامي مان آزادي ڏيارڻ جي لاءِ ٻين ساٿين سان گڏجي سڄي زندگي جاکوڙ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ گهوٽڪي ضلعي ۾ عام ماڻهو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏيارڻ سميت غلامي جي ڪيترن ئي شڪلين کان آجا ٿي رهيا آهن.مقررن چيو ته راجا مجيب جي اڳواڻي ۾ گهوٽڪي ضلعي جي عوام کي تيل ۽ گيس جي ڪمپنين کان حق ڏيارڻ انتظاميه ،مقامي آبادين کي گيس سميت ٻيون سهولتون ۽ رائلٽي ڏيارڻ عوام کي سرڪار طرفان بنيادي سهولتون ڏيارڻ ،عورتن ،ٻارن ۽ اقليتي عوام حقن جي تحفظ جي لاءِ مثالي جدوجهد ڪئي جنهن جو ثمر اڄ گهوٽڪي واسين کي ملي رهيو آهي مقررن چيو ته راجا مجيب جي وڇوڙي سان عوامي جدوجهد کي وڏو ڌچڪو رسيو آهي پر اسان کي راجا مجيب جي ڇڏيل مشن کي مڪمل ڪرڻو آهي عوامي مسئلن جي حل جي لاءِ راجا مجيب طرفان شروع ڪيل جدوجهد کي اڳتي جاري رکڻو آهي ان موقعي تي پي ڪي ايم ٽي طرفان راجا مجيب جي حياتي تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي جڏهن ته هال جي مک گيٽ تي راجا مجيب جي سرگرمين جو تصويرون پڻ لڳايون ويون هيون تعزيتي ميڙاڪي ۾ ان وقت ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ ڪيترن ماڻهن جون اکيون آليون ٿي ويون جڏهن ته راجا مجيب جي ننڍڙي نياڻي امبر راجا ۽ وڏي پٽ محمد علي مهر پنهنجي بابا جي حوالي سان پنهنجون ساروڻيون ساريون تعزيتي ميڙاڪي کي راجا مجيب جي ڀاءَ ذوالفقار مهر،پي ڪي ايم ٽي جي اڳواڻن علي نواز جلباڻي،محمد نواز مهر،ولي حيدر امان الله،آصف خان،طارق محمود ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو،تعزيتي ميڙاڪي ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي سميت سنڌ جي ضلعن شڪارپور خيرپور مان پي ڪي ايم ٽي جي وفدن شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں