اوٻاوڙو ۾ ٽن مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو

اوٻاوڙو(ن س)اوٻاوڙو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو گزريل رات مزدوري تان واپس ايندي چاچو ٻن ڀائٽين سميت اغوا ٿي ويوگزريل رات رونتي روڊ ڳوٺ صابو پٺاڻ وٽان نامعلوم هٿياربند پيٽرول پمپ تي مزدوري ڪري واپس ويندڙ چاچو محمدصادق پهنوار ٻن ڀائٽن مهتاب ۽ شهباز سميت 3ڄڻن کي ڏوهاري مبينا طور تي اغوا ڪري ويا  مغوين جي وارثن جو نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ لا۽ نيشنل پريس ڪلب اوٻاوڙو آڏو احتجاجي مظاهرو  مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اوٻاوڙو ٿاڻي کان ٽي ڪلو ميٽرن جي  مفاصلي تان  گذريل  رات محمد صادق  سميت  ان جي ٻن ڀائيٽن مهتاب حسين شهباز حسين  کي ڏوهاري اغوا ڪري ويا آهن پر اوٻاوڙو پوليس هن مهل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو  احتجاج ۾ شريڪ طالب حسين ا ڪبر علي پنهور غلام رسول پنهور جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن جو نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين آئي جي سنڌ  ، ڊي آئي جي سکر توڙي ايس ايس پي گهوٽڪي کان مغوين کي بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں