دادو( ڊ ر) انساني حقوق پيس ڪائونسل فار ھيومن رائيٽس ضلع دادو پاران ڀتو مافيا خلاف واپاري عابد علي ٻٻر، عبدالخالق ٻٻر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڀتا خورمافيا خلاف سخت نعري بازي ڪئي، مظاھرين چيو تہ واپاري عابد ٻٻر مٿان ٿيل قاتلاڻي حملي جا جوابدر رڪارڊ عادي ڪرمنل منير عرف منو ملاح، ايوب عرف لوٽي ملاح کي گرفتار ڪري، ڏوهارين جي ڌر بڻيل دادو بي سيڪشن پوليس ايس ايڇ او غلام حيدر چانڊيو ۽ پاٿاريدار وڏو منڇي اصغر پنهور جن ڀتا خورن خلاف ايف آءِ آر داخل نہ ڪئي، ڀتو نہ ڏيڻ تي عابد ٻٻر مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، مٿن ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
