هوسٽن: سانا هوسٽن چيپٽر طرفان ڪالهه هوسٽن ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل تباهيءَ ۾ متاثرن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جو به هڪ پروگرام منعقد ٿيو. جنهن وسيلي 60 هزار آمريڪي ڊالر فنڊ گڏ ڪيو ويو. جنهن ۾ سانا چونڊن لاءِ صدر جي اميدوار مقبول هاليپوٽو 5 هزار ڊالر، هن جي پٽ هڪ هزار ڊالر، رئيس پاٽولي 10 هزار ڊالر ۽ سندس گهرواري هڪ هزار ڊالر، ان سان گڏ اعجاز عالماڻي، غلام محي الدين مورائي، انيس ميمڻ، ڊاڪٽر چندر شيکر ۽ اويس لغاري پڻ فنڊ جمع ڪرايو. ان موقعي تي جاويد لغاري پاران سنڌ ۾ ٻوڏ سبب آيل تباهي بابت تفصيل بيان ڪيا، جڏهن ته انڊيا کان آيل فنڪار جتن اداسي “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” گيت ڳائي محفل کي گرمايو.
