هوسٽن (خاص عيوضي وٽان) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي چونڊن لاءِ پئنل ورڪ جو سلسلو شروع آهي، پروگريسو پئنل جا سمورا دوست گذريل ڏينهن ورڪ ڪرڻ جي سلسلي ۾ آمريڪا جي شهر هوسٽن پهتا. جن ۾ صدر لاءِ اميدوار مقبول هاليپوٽو، مشتاق راڄپر، اصغر پٺاڻ، اويس لغاري، علي خاصخيلي، سرهاڻ ميمڻ، ڊاڪٽر چندر شيکر، اعجاز الحق ميمڻ، خير محمد ڪولاچي، محمد علي ڪلوڙ، شاهد قريشي ۽ مبشر ملڪ شامل آهن. ٻئي طرف منعقد تقريب کي خطاب ڪندي سانا جي اليڪشن ۾ بيٺل اميدوارن خطاب ڪندي چيو ته اسان جي اليڪشن هڪ جمهوري طريقي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ آهي. اسان ڪنهن جي خلاف اليڪشن نه ٿا وڙهون، اسان پنهنجي پروگرام کي اڳتي وڌائڻ لاءِ اليڪشن وڙهي رهيا آهيون. هوسٽن ۾ هن تقريب منعقد ڪرڻ ۾ محمد ڏاهري ۽ ڊاڪٽر عيسيٰ ڀرڳڙي اهم ڪردار ادا ڪيا.
