سنڌ ڪابينا طرفان مڇر ڪالوني ۾ قتل ٿيل 2 نوجوان شهيد قرار: 50-50 لک معاوضي جو اعلان

ڪراچي (بيورو) سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني ۾ جنوني هجوم هٿان وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪيل ٻن نوجوانن جي وارثن لاءِ 50-50 لک معاوضي جو اعلان ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ جنوني هجوم هٿان مارجي ويل ٻنهي نوجوانن کي شهيد قرار ڏنو ويو . آءِ جي سنڌ ڪابينا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته نجي ٽيلي ڪام ڪمپني جو هڪ انجنيئر ۽ سندس ڊرائيور موبائيل فون جو ٽاور چيڪ ڪري رهيا هئا. . آءِ جي سنڌ موجب 15 جوابدارن جي وڊيوز ذريعي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، سڃاڻپ ڪيل سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ تربيت يافتا پوليس فورس جي ضرورت هئي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مڇر ڪالوني جهڙا واقعا معاف ڪرڻ جوڳا ۽ برداشت ڪرڻ جوڳا نه آهن. ان کان اڳ سنڌ ڪابينا مڇر ڪالوني واري سانحي بابت بريفنگ لاءِ آءِ جي سنڌ کي هلندڙ اجلاس دوران سڏائي ورتو، جنھن اجلاس ۾ پھچي واقعي بابت بريفنگ ڏني آھي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ مڇر ڪالوني واري سانحي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. ڪابينا مڇر ڪالوني جي هر هڪ متاثر لاءِ 50-50 لک رپيا معاوضي جي منظوري ڏيندي امتياز شيخ، مرتضيٰ وهاب، صادق ميمڻ، آءِ جي پوليس ۽ گهرو سيڪريٽري تي ٻڌل ڪابينا ڪميٽي جوڙي ڇڏي جيڪا ان معاملي تي غور ويچار ڪندي ۽ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. ڪميٽي اهڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظامي پوليس فورس جوڙڻ جي ضرورت جو به جائزو وٺندي. فورس کي لاڳاپيل تربيت ڏني ويندي ۽ گهربل سامان/ هٿيارن سان ليس ڪيو ويندو. ڪابينا حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب هڪ ڏهائي 8 ٽرلين ڊالرز جو نقصان ٿيو، عالمي بينڪ امدادي ڪارروائين لاءِ 56 ڏهائي 9 ملين ڊالرز جي فنڊز جي منظوري ڏني آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس دوران چيو ته عالمي بينڪ جي فنڊز جي رقم ٻوڏ متاثرن جي بحالي، روڊن جي تعمير ۽ ٻار توڙي ماءُ جي صحت وارن معاملن تي خرچ ڪئي ويندي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي ڊونر ايجنسين جا ٿورائتا آهيون، ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهرن جي سروي جو ڪم جاري آهي، تباهه ٿيل گهر ٻيهر تعمير ڪري ڏنا ويندا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں