سوال اهو آهي ته ڇا انقلاب چونڊن ذريعي ايندو يا رتوڇاڻ ذريعي؟ عمران خان جو چتاءُ

گوجرانوالا، ڪامونڪي (م ڊ) تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ ڪالهه چوٿين ڏينهن ڪامونڪي کان شروع ٿي ويو آهي جيڪو رات گوجرانوالا پهتو. جتي رات ترسڻ بعد ٻئي ڏينهن سفر شروع ڪيو ويندو. ڪالهه ۾ لانگ مارچ ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته قوم عدليا ڏانهن واجهائي رهي آهي، چيف جسٽس اعظم سواتي سان گڏوگڏ شهباز گِل جو به ڪيس ٻڌو وڃي، جيڪي صحافي ملڪ ڇڏي وڃي رهيا آهن انهن کي ڌمڪيون ڏنيون وينديون آهن. عمران خان  چيف الڪيشن ڪمشنر تي ڏهه ارب ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کان وڏو ٻه نمبر ماڻهو ڪڏهن به الڪيشن ڪميشن ۾ ناهي ويٺو، هن مٿس تنقيد ڪندي چيو ته تون شريف خاندان جي گهر جو نوڪر آهين، الڪيشن ڪميشن مونکي نااهل قرار ڏنو، منهنجي ايمانداري تي سوال اُٿاريو، هن چيو ته سڀني کي نظر اچي رهيو ته انقلاب ڪيڏو تيزي سان اسلام آباد ڏانهن وڌي رهيو آهي . هن وڌيڪ چيو ته الله کان دعا گهران ٿو ته جيڪڏهن منهنجو موت لکيل آهي ته ارشد شريف وارو موت ڏي گدڙ وارو موت نه ڏي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان هڪ ڀيرو وري اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي چيو ته الله جي واسطي چورن سان گڏ نه بيهو. ڪامونڪي ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جيڪو ساڻس گڏ بيهندو سندس رنگن ۾ رڱجي وڃي، مشرف ٻنهي خاندانن کي ڪرپشن تي هٽايو ته سڄي قوم اسٽيبلشمينٽ جي ان فيصلي جي حمايت ڪئي، اوهان کين ڊراءِ ڪلين ڪري اسان تي ٻيهر مڙهي ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته ڇا اوهان انهن چورن کي مڃيو ٿا؟ ڪير به پاڪستاني کين تسليم نٿو ڪري، اوهان بند ڪمرن ۾ ڪڏهن چور ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪڏهن پاڪ ڪري ڇڏيو، پاڪستاني قوم رڍون، ٻڪريون، ڳئون ناهيون، انسان آهيون، خدا جي واسطي پاڪستاني قوم کي جانور نه سمجهو. ان کان اڳ عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا انقلاب چونڊن ذريعي ايندو يا رتوڇاڻ ذريعي؟ ڇهن مهينن کان ملڪ ۾ هڪ انقلاب جو مشاهدو ڪري رهيو آهيان، سوال رڳو آهي ته ڇا هي بيلٽ باڪس ذريعي ماٺو ٿيندو يا رتوڇاڻ ذريعي تباهي آڻيندو. واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين پرامن مارچ جو واعدو ڪندي آئين ۽ قانون جي پاسداري جو حلف ورتو هو جڏهن ته عمران خان کان اڳ اڳوڻي وفاقي وزير خدشو ظاهر ڪيو هو ته کيس لانگ مارچ ۾ جنازا ئي جنازا نظر اچي رهيا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں