قاضي احمد (رپورٽ:حيدر علي چانڊيو) قاضي احمد جي سردار ڪالوني جي مڪراني برادري جي عورتن انيلان مڪراني جي امڙ ۽ ڀينرن مينا مڪراني، عصما، نبيلان، ثمينا مڪراني پريس ڪانفرنس ۽ احتجاج ڪندي نثار بالادي تي الزام ھڻندي چيو ته اسان جي نياڻي انيلان سان نثار بالادي ڪجهه وقت اڳ ۾ شادي ڪئي جنهن کان پوء ان تي تشدد ڪري حيدرآباد ۾ ڇڏي ھليو ويو جنهن کان پوء ان کي اسپتال داخل ڪرايو ويو ھو جنهن جو آپريشن ڪرايوسين ۽ ان کان پوء ان خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو جنهن کان پوء ھو مسلسل ڌمڪيون ڏيندو رھيو ۽ رات دير سان اسان پنهنجي برادري جي فوتگي تي وياسين جتان واپس ٿياسين ته نثار بالادي ٽن ڄڻن سان گڏ ڪار ۾ اچي اسان جي نياڻي کي اغوا ڪري فرار ٿي ويو ۽ اسان جي نياڻي جي خبر ناھي ان سان ڪھڙو ورتاءُ ڪندو يا ان کي خبر ناھي ڪٿي قتل نه ڪري ڇڏي. اسان مطالبو ٿا ڪريون آء جي سنڌ، ڊي آء جي شھيدبينظيرآباد ۽ ايس ايس پي شھيدبينظيرآباد ۽ ايس ايڇ او قاضي احمد کي ته اسان جي نياڻي واپس ڪرائي نثار بالادي خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي
