قمبر ۾ بدامنيءَ خلاف واپارين ۽ شهرين جوا حتجاج، ٽائرن کي باهيون

قمبر(ڊ ر) قمبر ۾ بدامني خلاف شهرين واپارين جو شهداء چونڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي محمد حسين چانڊيو،امتياز پنهور،جمال الدين پنهور،مختيار علي پنهور ۽ ٻين چيو ته قمبر شهر جي مختلف علائقن مان ڪيتريون ئي موٽر سائيڪلون چور ڦر ۽ چوري ڪري ويا آهن جنهن جو ڪوبه تدارڪ نه ٿو ٿئي پوليس عملدار سکڻا آسرا ڏئي موٽائي ڇڏين ٿا سفارشي آفيسر مقرر هئڻ ڪري هر روز ڏوهن ۾ واڌ ٿئي ٿي هنن وڌيڪ چيو ته چوري ڦر ٿيل موٽر سائيڪلون ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ نوٽيس وٺي گاڏيون واپس ڪرائي ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں