لاڙڪاڻي ۾ پ پ (ش ڀ) جي مرڪزي اڳواڻ عنايت عمراڻ جي گرفتاريءَ خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو فاطمه ڀٽو فالورس جي سڏ تي پي پي پي شهيد ڀٽو طرفان مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي مٿان ڪيس داخل ڪري سندس گرفتاري، سندس ڀائيٽي واقعي جو ڪيس ۽ جڊيشل انڪوائري نه ٿيڻ، ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو ۽ انتظاميه خلاف ڪينيڊي مارڪيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي ڪمشنر آفيس ٻاهريان پهتي جتي هنن ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڌرڻي دوران اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي پي پي پي شهيد ڀٽو جي اڳواڻن علي رضا پليپوٽو، اسلم شاهه، دلمراد جتوئي، محمد علي عمراڻي، منير احمد بروهي، برڪيت علي ميرجت، عيدن جتوئي، جاويد حاجاڻو، رحمٰن پتوجو، برڪت علي ميراڻي، جاويد لاهوري، احسان مري، لالو سرهيو، انعام ناريجو رئيس دامن عمراڻي، شهباز ڀٽو، جاويد چانڊيو، مسلم سهڙو ۽ بين چيو ته هي ڪٿان جو انصاف آهي ته ڊاڪٽر جي غفلت جي ڪري نياڻي به عنايت علي عمراڻي جي قتل ٿي وئي ۽ ويتر دهشتگردي قلم هيٺ عنايت عمراڻي ۽ ان جي خاندان توڙي ٻين پارٽي ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا جنهن مان صاف ظاهر آهي ته سرڪاري ڪرسين تي زرداري ۽ فريال ٽالپر جا ڪمدار ڪامورا ويٺل آهن جيڪي گذريل 15 سالن کان سنڌ جي وسيلن تي قابض آهن جنهن ڪري هتان جي عوام کان جيئاپي جون بنيادي سهولتون کسيون ويون آهن ۽ ماڻهو تڙپي تڙپي بي يارو مددگار مري رهيا آهن جيڪا صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي ۽ عوام جي مدد ڪرڻ وارو ڪير به نه آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عنايت علي عمراڻي کي بيگناهه گرفتار ڪرڻ ۽ سندس جي ڀائيٽي جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ حڪمرانن کي مهانگو پوندو ان لاءِ پي پي پي شهيد ڀٽو سڄي سنڌ اندر احتجاج جاري رکندي جيڪا حڪمرانن جي هٽائڻ تائين جاري رهندي. هنن چيو ته روزانو جي بنياد تي سرڪاري اسپتالن ۾ ماڻهو مري رهيا آهن جن جي ڪا به داد رسي نه پئي ڪئي وڃي جيڪو عمل افسوسناڪ آهي جنهن تي وس وارن ۽ انساني حقن جي تنظيمن سميت هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي آواز اٿارڻ گهرجي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته قاتل ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو جي ڪيل ڪرپشن ۾ سهولتڪار بڻيل ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻي کي فوري طور هٽائي 16 سالا معصوم نياڻي جي قتل جي ايف آءِ آر ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ ڊاڪٽرن مٿان داخل ڪئي وڃي ۽ عنايت علي عمراڻي کي فوري طور تي آزاد ڪري ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي. ڌرڻي دوران قرارداون منظور ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته پي پي پي شهيد ڀٽو فاطمه ڀٽو فالورس جي مرڪزي اڳواڻ عنايت علي عمراڻي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، شعبه حادثات لاڙڪاڻو ۾ ايم ايس جي موجودگي ۾ مڪمل طور تي هڪ ڪوس گهر بڻجي ويو آهي جنهن 20 کان 25 انساني جانين جو قتل عام ٿئي ٿو جنهن قتل عام کي بند ڪريم عصوم 16 سالا نياڻي پريسه عمراڻي جي قتل ڪيس سميت روزانو قتل ٿيندڙن جي قتل جي ايف آءِ آر سفاڪ قاتل ايم ايس ڊاڪٽر گلزار تونيو سميت ڪيولٽي ۾ پنهنجي ڊيوٽي ۾ لاپرواهي ڪندڙ ڊاڪٽرن مٿان داخل ڪئي وڃي، شيخ زيد اسپتال، چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال ۽ سول اسپتال لاڙڪاڻو ۾ داخل مريضن کي غير معياري غذا ڏيندڙ عملي جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ مريضن سفارشي ٺيڪيدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، لاڙڪاڻو اسپتال جي اربين روپين جي بجيٽ کي خردبرد ڪري کائڻ واري ايم ايس جي ڪرپشن جي جڊيشل جاچ ڪرائي بجيٽ ڳڙڪائيندڙ ڊاڪٽر گلزا تونيو ۽ سندس سهولتڪار ڪمشنر ۽ ڊي سي لاڙڪاڻو کي فوري طور هٽايو وڃي، تازو سنڌ ۾ پيل برساتي ٻوڏ سبب آيل تباهه ڪاري ۾ سنڌي ماڻهن کي بي يارو مددگار ڇڏيندڙ حڪمرانن کي فوري طور تي استعيفائون ڏيڻ گهرجن ۽ رياست پاڪستان جي اها ذميواري ٿئي ٿئي ته بي گهر ٿيل ٻوڏ متاثرن جي مالي سهائتا ڪري انهن جي ڊهيل گهرن کي جلد کان جلد جوڙائي ڏنو وڃي، جيڪي به سرڪاري ڊاڪٽر سرڪاري اسپتالن ۾ سرڪاري ڊيوٽي ڪري رهيا آهن انهن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي خانگي سينيٽرن تي غريب سنڌي عوام جو رت چوسڻ بند ڪيو وڃي، شعبه حادثات ۾ ڊيوٽي ڊاڪٽر ايم بي بي ايس ڊگري هولڊر مقرر ڪري ايم بي ايس جي ڊگري نه رکندڙ جونيئر ۽ ناتجربيڪار ڊاڪٽرن کي فوري طور هٽايو وڃي، سرڪاري اسپتالن ۾ موجوده ايم ايس جي ساٿاري ڪرپٽ، نااهل ۽ ڪوڙيون ڊگريون رکندڙ آفيسرن اڪائونٽنٽ ۽ اسٽور انچارج جيڪي ايم ايس جي پٺڀرائي سبب ڊيوٽي ڪري رهيا آهن انهن کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ سندن مٿان ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، ڪنهن به معاملي جي آڙ وٺي صحت کاتي جي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي هڙتال ڪندڙ پيرا ميڊيڪل جي بدمعاش ملازمن کي فوري طور تي نوڪرين تان برطرف ڪيو وڃي، ڪيولٽي اسپتال جي هزارين مريضن لاءِ مقرر صرف ٻن ڊاڪٽرن جي جڳهه تي ٻين اضافي ڊاڪٽرن کي مقرر ڪري مريضن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، لاڙڪاڻي سميت سموري سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ نانگ ڪکڻ ۽ ڪتي جي چڪ واري ويڪسين بنا ڪنهن پريشاني جي دستياب ڪري مريضن جو علاج ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں