لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پيپلز پارٽي نصيرآباد سٽي جي ليديز ونگ صدر عورت ڪارڪنن سان گڏجي ڪالهه ٻئي ڏينهن به سرڪاري نوڪرين، ترقياتي فنڊن ۽ ڪمن ۾ نظرانداز ڪري ٻوڏ واري صورتحال ۾ واهر نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پي پي پي ليديز ونگ نصيرآباد سٽي جي صدر مسڪان اوڍاڻو پارٽي جي عورت ڪارڪنن ريحانه منگي، شڪيلا منگي، شائسته ابڙو، مريم لغاري، اسلام خاتون منگي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته مان ڪيتري ئي عرصي کان وٺي پيپلز ليديز ونگ ۾ آهيان جڏهن ته ڪجهه عرصي کان پي پي پي ليديز ونگ نصيرآباد جي سٽي صدر طور پارٽي ۾ سرگرم اڳواڻ طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهيان، مون پنهنجي ڳوٺ ۾ ليديز ونگ توڙي اصل پارٽي کي سرگرم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندي پارٽي جي هر ڪم لاءِ ڪراچي کان اسلام آباد تائين وڏي جدوجهد ڪئي آهي ۽ پنهنجي هڙان توڙي وڙان خرچ ڪري پاڻ ۾ ٻين کي شريڪ ڪرائيندي رهي آهيان پر 2008ع کان وٺي پارٽي قيادت نوڪرين ۽ ترقياتي فنڊن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي. هن چيو ته تازو نصيرآباد ۾ ٻوڏ آئي جنهن ۾ مون سميت پارٽي جون ٻيون عورت ڪارڪنن جون جڳهون ڊهي پٽ پئجي ويون پر پي پي پي ضلعي صدر قمر الدين گوپانگ، تعلقي صدر خان ڦلپوٽو، سٽي صدر ضمير مسڻ، ليديز ونگ جي ضلعي صدر فريال بروهي ۽ ٻين اڳواڻن اسان کي نوڪرين، ترقياتي ڪمن توڙي راشن ۽ امدادي سامان ۾ مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي ايتري حد تائين جو اسان کي پارٽي جي اجلاسن ۾ به نه ٿو گهرايو وڃي اهڙيون شڪايتون اسان ايم پي اي مير نادر مگسي، ايم پي اي سردار خان چانڊيو ۽ ٻين کي ڪيون پر ڪو تدارڪ نه ٿي سگهيو جنهن ڪري اڄ اسين لاڙڪاڻي پهچي اهڙي ناجائزي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهيون. هنن پرڏيهي وزير ۽ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري، شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري، پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو ۽ پارٽي جي ٻين مرڪزي اڳواڻن کي اپيل ڪئي ته اسان جي ٻارن کي نوڪريون ۽ ترقياتي فنڊ ڏئي اسان جي واهر ۽ مالي سهائتا ڪئي وڃي ٻي صورت اسين احتجاج جو دائرو وڌائينداسين.
