نوشهروفيروز ( ڊ ر) نوشهروفيروز ڀرسان ڳوٺ هاشم پهنور ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ وفد پاران مڇر ڪالوني سانحي جي شهيد اسحاق پهنور جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪرڻ کان پوءِ. جسقم ڪارڪنن جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف راھوجو،ايازراڄپر ۽ رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو جي اڳواڻي پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ کان پوءِ پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني وارو واقعو انسانيت جي توھين آھي جنھن ۾ ٻن سنڌي نوجوانن کي انتھائي بي درديءَ سان پنھنجي ئي ڌرتي تي ننڌڻڪو سمجھي ماري شهيد ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته واقعو سنڌين کي ڪراچي ڏانھن اچڻ کان روڪڻ جي لاءِ گھري سازش آھي. ۽ سدائين پ پ سنڌ دشمني وارو قردار ادا ڪندي رهندي آهي. اسان قوم پرستن پاران ڌارين جي لوڌ کي سنڌ مان لودي ڪڍڻ جي لاءِ ڪيل احتجاج دوران پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته ڪراچي اندر جيڪڏهن ڪجهه لک ماڻهن کي سڃاڻپ ڪارڊ ملي ويندا ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي اهڙي سوچ رکندڙ ماڻهن کي اسان سنڌ دشمن سمجهون ٿا ۽ ھن چيو ته ڌارين کي سنڌ مان مڪمل نيڪالي ڏني وڃي.جيڪڏهن پ پ حڪومت واقعي سنڌي ماڻهن جي خير خواه آهي ته کيس ڪراچي جي مڇر ڪالوني سميت سموري ڪراچي ۾ رهندڙ غيرقانوني بنگالي،برمي،افغاني ۽ ٻين ڌارين کي ڪڍيو وڃي ۽ کين جيڪڏهن پنجاب جا وري ڪو ٻيو صوبو پنهنجي ڌرتي مٿان رهائڻ گهري ته اسان سنڌ جي رهواسين کي ڪو عتراض ناهي پر ڌارين کي سنڌ مان ڪڍيو وڃي اهو اسان سمورن سنڌ واسين جو مطالبو آهي.
