وزيراعظم طرفان “هاري پئڪيج” تحت هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ڏيڻ اعلان

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف “ هاري پئڪيج “ تحت هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ڏيڻ اعلان ڪيو آهي. هاري پئڪيج نيوز ڪانفرنس دوران هن چيو ته گذريل/ سال جي ڀيٽ ۾ اهو قرض چار سئو ارب رپيا وڌيڪ آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ هارين جي روزگار جي بحالي لاءِ خاص پئڪيج تيار ڪرايو آهي. شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بنا زمين وارن ڪُڙمين لاءِ پنج ارب رُپيا سبسڊائزڊ قرض ڏنا ويندا جڏهن زرعي شعبي ۾ سمال ۽ اينڊ ميڊيم انٽرپرائز لاءِ ڏهه ارب رُپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڊي اي پي جي في ٻوري جي اگهه ۾ 2500 رُپيا لاٿ ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي ٻج جي پنج لک بيگن جي ورڇ ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر علائقن ۾ ننڍن هارين جا قرض معاف ڪيا پيا وڃن جڏهن ٻاهران پنج سالن تائين پراڻن ٽريڪٽرن جي درآمد جي اجازت ڏني پئي وڃي. شهباز شريف چيوته ملڪ ۾ ٽريڪٽر جا اگهه گهٽ نه ٿيڻ سبب اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو، انکانسواءِ هن ٻڌايو ته پنج لک ٽن يوريا درآمد ڪئي ويندي جڏهن ته ٻه لک ٽن يوريا درآمد ڪري چڪا آهيون. سندس چوڻ هو ته بيروزگار نوجوانن  لاءِ جيڪي زرعي شعبي ۾ پنجاهه ارب رُپين جا قرض رکيا آهن ۽ ان لاءِ حڪومت ڇهه ارب چاليهه ڪروڙ رُپين کان وياج جي شرح ۾ سبسڊي ڏيندي کين سستو قرض ڏنو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں