پکو ۽ ڀرپاسي مھانگائيءَ ۾ لڳاتار واڌ خلاف مختلف ڌرين جي احتجاجي ريلي

پکو(ن س) پکو ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف سماجي ڌرين جو احتجاج، سول سوسائٽي جي مختلف ڌرين جي اڳواڻن ۽ شھرين محمد علي مغيري جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان ڏس ۾ سول سوسائٽي جي سماجي ڌرين جي اڳواڻن محمد علي مغيري، محرم علي، قادن تيوڻو، منير ميراڻي، محمد علي تيوڻو، حبدار علي، سعيد احمد مغيري، مجاھد ڪلھوڙو، شھزادو بلوچ، ڪاشف علي کچي، ذوالفقار علي بلوچ ۽ شھرين الحسيني چونڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي جيڪا پريس ڪلب اڳيان پھتي ته شھرين وفاقي توڙي صوبائي حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي اڳواڻن چيو ته اتحادي حڪومت ۾ مهانگائي ۾ لڳاتار اضافو ٿيندو ويو آھي جيڪو ٿوري عرصي اندر وڌي وڻ ٿي ويو آھي مهانگائي تي ضابطو آڻي غريب عوام کي بک ۽ بدحالي وگهي مرڻ کان بچايو وڃي مھانگائي چوٽ چڙھي وئي آھي شھر ۾ واپارين عام واھپي جي شين ۾  واڌ ڪري ڇڏي آھي شھر جي بازارن ۾ روزمره جي شين جا اگھ وڌايا ويا آھن هٿرادو  مھانگائي عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي فروٽ سبزي دالين سميت ھر شيءّ جا اگھ عروج تي پھچايا ويا آھن جنهن ڪري غريب طبقي جا ماڻهو  کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪرڻ کانن قاصر آھيون ھنن چيو ته عام واھپي جي شين جا ھٿرادو ريٽ وڌايا ويا آھن غريب ۽ پورھيت ماڻهن کي ڏکيائي واري صورتحال سان منهن ڏسڻو پئجي  ٿو ۽ کاڌي پيتي جي شين جا اگھ ٻيڻ تي وڌايا ويا آهن ان ڪري پورھيت طبقي کان خريداري جي وس کان ٻاهر ٿي وئي آهي آخر ۾ شھرين ڊي سي قمبر ۽ ضلعي حڪومت کان مطالبو ڪيو  تہ منافعي خورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي روزانو ريٽ لسٽ  دڪاندارن تائين پهچائي وڃي ۽ ان تي عمل ڪرايو وڃي ۽ شھر جي بازارن ۾ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ رليف ڏنو وڃي تہ جيئن ھر عام ماڻهو برابر جي بنياد تي فائدو حاصل ڪري سگهي جيڪڏھن تڪڙو نوٽيس وٺي مهانگائي کي قابو ۾ نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو .

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں