حيدرآباد (پ ر) سنڌ سجاڳي فورم ضلعي حيدرآباد ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ضلعي حيدرآباد پاران اڄ بتاريخ 31 آڪٽوبر 2022ع جي ڏينھن حيدرآباد پريس ڪلب آڏو، ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ ڌارين بنگالين پاران ٻن سنڌي نوجوانن انجينيئر ايمن جاويد ۽ اسحاق پنھور کي بيدرديءَ سان سنگسار ڪري قتل ڪرڻ واري انسانيت سوز واقعي خلاف، ۽ قاتلن جي گرفتاري ۽ انھن قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيارڻ لاءِ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل محب آزاد، ايس يو پي اڳواڻ خدا بخش ٿيٻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي، سنڌ حڪومت ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ، سنڌ جي دل ۽ گادي جي ھنڌ ڪراچي اندر ھر ايندڙ ڏينھن سنڌ جي ڳڀرو نوجوانن کي ڌارين جي ھٿان ڪڏھن ڦورو ڄاڻائي تہ ڪڏھن اغوا ڪار جا الزام ھڻي بيدرديءَ سان قتل ڪيو پيو وڃي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ سمجھون ٿا انھن واقعن جي پٺيان ڪا ڳُجھي سازش آھي، جنھن ذريعي ڌرتي ڌڻين سان اھڙا واقعا ڪرائي انھن کي ڪراچي نيڪالي ڏيڻ جو ماحول جوڙيو پيو وڃي، جنھن کي اسان ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪنداسين، ۽ سمجھون ٿا انھن واقعن ۾ ڌاريا دھشتگرد ۽ قاتل ملوث آھن ۽ انھن سان گڏ انھن واقعن جي ذميوار وقت جي صوبائي ۽ وفاقي سرڪار بہ ذميوار آھي ۽ ان سان گڏ سنڌ پوليس ۽ ٻيا سيڪيورٽي ادارا بہ اھڙن واقعن جا ذميوار آھن، ان ڪري اسان چيف جسٽس ھاءِ ڪورٽ کان مطالبو ٿا ڪيون تہ مڇر ڪالوني واري واقعي سميت سنڌ اندر ٿيندڙ اھڙن قتل و غارت وارن واقعن جو سوموٽو نوٽيس وٺي، انھن قتلن ۾ ملوث ڌارين ماڻھن ۽ سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس مٿان دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ۽ گڏوگڏ ڌاري آبادڪاري جي نيڪالي لاءِ ڪردار ادا ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ ھن احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.ان موقعي تي سياسي سماجي پارٽين جي ڪارڪنن، وڪيلن ۽ انساني حقن جي عھديدارن ۽ قومي ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
