ڪراچي ۾ ڏياري جي حوالي سان فيملي فيسٽول، عورتن ۽ ٻارڙن جي وڏي انگ ۾ شرڪت

ڪراچي (بيورو) ڏياري جي حوالي سان آرٽس ڪائونسل آف ٿر  پاران ڪراچي ۾ فيملي فيسٽول، ڪالھھ ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ڏياري فيملي فيسٽول کي خطاب ڪندي سنڌ مينٽل ھيلٿ اٿارٽي جي چيئرمين سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم خواجه چيو تھ اقليتن جي پيڙھيل ۽ ھيٺين طبقي جي ماڻھن لاءِ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي خاص ھدايتن تي سينيٽ ۾ بل آندو پيو وڃي تھ جيئين انھ کي پنھنجا حق ڏياري سگھجن، ان سلسلي ۾ ھيٺين طبقي جي نوجوانن جي ھر ممڪن سھائتا ڪري رھيا آھيون، ھن چيو تھ منارٽي ۾ شيڊيول ڪاسٽ جي ماڻھن سان ھميشھ ويساھھ گھاتيون ۽ ناانصافيون ٿينديون رھيون آھن، انھن جي حقن لاءِ جيڪي نوجوان جدوجھد ڪري رھيا آھن اھي جس لھن، ۽ اسان جو ھر ممڪن سھڪار انھن سان جاري آھي ۽ جاري رھندو، ھن وڌيڪ چيو تھ پيپلز پارٽي ھيٺين طبقي جي ماڻھن کي وڌ کان وڌ نمائندگي ڏني آھي، جنھن جو مثال سينيٽر ڪرشنا ڪولھي آھي، سينيٽر گيانچند، ايڊوائزر ويرجي ڪولھي، کٽو مل جيوڻ، پونجو ڀيل جي صورت ۾ موجود آھن. ان موقعي تي ڏياري فيملي فيسٽول کي خطاب ڪندي اقليتن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو تھ منارٽي افيئرس کاتو اسان جي منارٽي جي ماڻھن لاءِ ھڙان وڙان ڪري انھن کي ھر ممڪن سھولتون مھيا ڪري رھيا آھيون، تھ جيئن اھي تعليمي ميدان ۾ پنھنجو پاڻ ملھائي سگھن، ھن چيو تھ آرٽس ڪائونسل آف ٿر منارٽي لاءِ ٿر پارڪر ۾ وڏو ڪم ڪري رھي آھي، آئون آرٽس ڪائونسل ٿر جي دوستن کي ڪامياب پروگرام منعقد ڪرائڻ تي جس ڏيان ٿو، ان سلسلي ۾ منارٽي افيئرس کاتو نوجوانن لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي، ھن وڌيڪ چيو تھ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ شريڪ چيئرمين آصف زرداري جون ھدايتون آھن تھ اقليتن جي خدمتن لاءِ ھر وقت تيار آھيون، سنڌ حڪومت بھ ھن ٻوڏ واري صورتحال ۾ بھ اقليتن جي ڀرپور مدد ڪري رھي آھي. ڏياري جي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي ضلعي ٿر پارڪر جي صدر سينيٽر گيانچند، وڏي وزير جي صلاحڪار ويرجي ڪولھي، پاڪستان ھندو ڪائونسل جي ايم اين اي رميش ڪمار وانڪواڻي، سياسي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي، ايڌي فائونڊيشن جي سربراھھ فيصل ايڌي، ڊائريڪٽر جنرل ڪسٽم صادق اللھ خان، سينيئر سول جج راجڪمار، نامياري عورت اڳواڻ ۽ ڊانسر شيما ڪرماڻي، آرٽس ڪائونسل ٿر جي چيئرمين ڪشور ڪمار آسواڻي، روشن ڪمار ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.  ڏياري جي حوالي سان آرٽس ڪائونسل آف ٿر  پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ رام ليلا، ڊانڊيا ڊانس، لوڪ ڊانس، محفل موسيقي منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ عورتن، ٻارن، مختلف مڪتبھ فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، رام ليلا جي پرفارمنس تي پنڊال ۾ ويٺل ماڻھن آرٽسٽن کي خوب داد ڏنو. تقريب ۾ آيل مھمانن کي ثقافتي ٿر جا کيس ۽ لويون اوڍايون ويون ۽ ڏياري جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو، ويو، آخر ۾ آتشبازي جو مظاھرو ڪيو ويو جنھن ۾ ٻارڙن توڙي عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں