گڏاپ؛اي جي پي اڳواڻ تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ريلي ڪڍي وئي

گڏاپ(ن س) عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ لال محمد چانڊيو مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مختلف سياسي تنظيمن اي جي پي , ايس يو پي, پ پ (ش ڀ) پاران احتجاجي مظاهرو ۽ انڪم ٽيڪس سوسائٽي کان چانڊيه چوڪ تائين احتجاجي ڪڍي وئي جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻھن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن غلام قمبر حاجاڻو, ايڊمنسٽريٽر انڪم ٽيڪس سوسائٽي اقبال چنا, لال محمد چانڊيو, ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، پ پ (ش ڀ) جو اسد الله چانڊيو, گلاب راءِ، نصرالله ابڙو، ارشاد سومرو، فقير نظير چانڊيو، راجه ميراڻي، امجد چانڊيو, گڊو سومرو ۽ ٻين چيو ته نيب آفيسر سليم خان پنهنجي عهدي ۽ پوسٽ جو ناجائز فائدو وٺندي مختلف قسم جا حربا استعمال ڪري انڪم ٽيڪس سوسائٽي جي رهواسين کي پريشان ڪري رهيو آھي. سڀني کي خبر آھي ته لال محمد چانڊيو هڪڙو سنجيده ۽ شريف ماڻھو آھي. نيب آفيسر سليم خان ۽ سندس گهر واري فوزيه سليم ماڻھن کي بليڪ ميل ڪري سندن گهرن تي ۽ پلاٽن تي قبضا ڪرڻ لاءِ ڪافي عرصي کان سرگرم آھن. اهي مختلف ماڻھن جي گهر تي اچي انهن اگر نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏين جيڪي ماڻھن هنن جي ڌمڪين کان ڊڄي وڃن ٿا ته هي انهن جا گهر ۽ پلاٽ قبضو ڪري وڪڻي ڇڏين ٿا ۽ جيڪي ماڻھو هنن جي دٻاء ۾ نٿا اچن ته کي هيسائڻ لاءِ مٿن ڪوڙا ۽ جڙتو ڪيسن ڦاسائن ٿا, احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن مطالبو ڪيو جهوني سياسي ڪارڪن ۽ شريف النفس انسان لال محمد چانڊيو مٿان داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري فراڊي ٽولي جي سروڻ نيب آفيسر سليم خان ۽ سندس گهر واري فوزيه سليم خلاف قانوني ڪارروائي ڪري ڪيترن ئي غريب ماڻھن کي هنن جي ظلم کان نجات ڏياري وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں