اسلام آباد لانگ مارچن جو مرڪز

رياض ابڙو
سياست سڀ ڪن، ڪير ڪنهن کي روڪي نه ٿو، پر انتشار واري سياست کان پاسو ڪجي اهڙي سياست جنهن ۾ ملڪ اندر ڏڦوڙ پئجي وڃن جنهن سياست جي ڪري ملڪ اندر ڪو نقصان ٿئي جنهن سان ملڪي سلامتي خطري ۾ پئجي وڃي ان ڪري ته هر سياست ۽ هر انتشار جي مهڙ رڳو اسلام آباد ڏانهن هجي ٿي ان ڪري ان سان ملڪي ڪاروهنوار ۾ رخنو به پوي ٿو، پر ڳالھ اها سڀني تي لاڳو ڪري سگهجي ٿي رڳو ائين ناهي ته پي ٽي آءِ وارا سياست نه ڪن يا رڳو نون ليگ حڪومت ڪري يا اهي سياست ڪن يا سياست رڳو پي پي جو حق آ يا ٽي ايل پي لاهور کي ڄمائي ڇڏي يا اسلام آباد چڪرين جو مرڪز هجي يا ڪجھ ٻيو ان ڪري سياست آسمان مان تارا لاهڻ جو نالو ناهي پر هر ماڻهو يا هر سياستدان پنهنجي پنهنجي واري جو انتظار ڪري ۽ ان ۾ ئي ملڪي سياست جي آفيت آ، ان ۾ ئي ملڪ جو ڀلو آ، ڇو ته اندروني خلفشار يا گهرو جهيڙو ڏسي ٻاهريان انويسٽر به پاسو ڪري ٿا لنگهن يا ٻاهريان سيڙپڪار به اهڙي خطرناڪ سيڪيورٽي جي وارتا ڏسي پنهنجا ٽپڙ ويڙهي نڪري هليا ٿا وڃن، پر اهو به سچ آهي ته هر سرڪار جي دور ۾ تقريبن لانگ مارچ ٿيندا ٿا رهن يا احتجاج، ڌرڻا يا جلسا جلوس ٿيندا رهندا آهن جن کي روڪي نه ٿو سگهجي ان ڪري ته جڏهن هڪ به ڌر ڪرسي تي ويهي ٿي رهي پوءِ مخالفن کي پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ ويهڻ نه ٿو اچي ان ڪري ته اهي گهر ويهي سياست نه ٿا ڪري سگهن يا هي ڪو آمريڪا ناهي جنهن ۾ ٽرمپ 21 جنوري 2021 تي جڏهن ڪيپوٽول ۾ ڪاهي پيو هيو ۽ تڪڙ ۾ چار خون ڪري حڪومت کي هيسائي ڇڏيو هيائين تڏهن حڪومت به ان جي لاءِ ڳالهين جا دروازا کولي هان يا ڳالهين جي آڇ ڪري هان، يا ان ڏينهن کانپوءِ ٽرمپ وري سڄي آمريڪا کي ٻاري ڪو نه رکيو هيو، پر ٿيو ائين جو ٽرمپ جي اهڙي اٻهرائي ڏسي ڪانگريس 25 ترميم ڪري مورڳو ئي قانون ئي مٽائي ڇڏيا ته ڪير به گڙگڙ ۽ گڙٻڙ نه ڪري سگهي ۽ ڪير به ڪنهن به قسم جي سياست نه ڪري سگهي ان ڪري ٽرمپ جي اهڙي جارحانا سياست جو باب ئي بند ٿي ويو ۽ ان جي سياست واقعي ئي دفن ٿي وئي ته قانون بهتر ڪجن، پر اسان جي ملڪ ۾ سياسي ٽرينڊ وري ڪجھ مختلف رهندا آيا آهن جيئن پي ڊي ايم کي لانگ مارچ ڪرڻ جي اجازت نه ملي يا پي پي گذريل فيبروري ۾ لانگ مارچ ڪري مڙئي شهيدن ۾ نالو لکرايو يا بعد ۾ حڪومت جي آڇ ٿين، ان ڪري اندروني يا بيروني قوتن سان ٽڪرائي نه ٿو سگهجي يا رڳو عوام تي ڀاڙي به سياست نه ٿي ڪري سگهجي، ان ڪري جو اسان جو عوام ڪنهن به نظريي جو پوڄاري ناهي ۽ نه ئي ٿي سگهي ٿو، يا اها به ڳالھ مڃون ٿا نون ليگ سان انهن جا حامي خوش لڳا پيا آهن يا پي پي کي پنهنجا جيالا چڱو ٿا سمجهن يا پي ٽي آءِ جو گراف پنهنجن يوٿين وٽ ڀلو آ يا اهي سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلائي مڙئي پاڻ مڃايون ويٺا آهن پر سياست جيڪا مخالفن جي ٽوڪري ۾ پيل ٿي رهي اها باقي رهجي ٿي وڃي جنهن ۾ انهن جو ڪم رڳو احتجاج، جلسا جلوس ۽ روڊن ۽ بينرن واري سياست ڪرڻ باقي رهجي ٿي وڃي.
مثال 2104 تائين لانگ مارچن جو سلسلو رڳو پي پي ۽ نون ليگ جي وچ ۾ هلندو رهيو يا جيڪو حڪومت ۾ هوندو هيو اها رياست ۽ طاقت جو ڌڻي هوندو هيو باقي جيڪو مخالفت ۾ هوندو هيو ان جو ڪم رڳو ڌرڻا، جلسا، جلوس ۽ روڊن واري سياست هوندو هيو، يا ماضي ۾ ڏسون ته 1980 دوران شيعا ڪميونٽي ضياءَ جي دور ۾ پهريون دفعو زڪوات ۽ عشر جي معاملن تي 4 جولاءِ ۽ 5 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنئيو هيو جنهن ۾ شيعا ڪميونٽي کي زڪوات ۽ عشر کان آجو قرار ڏنو ويو هيو (جيڪو اڄ تائين هلندو پيو اچي ته شيعا ذڪوات ڏيڻ کان آجا آهن ۽ اهي پنهنجي مرضي سان ڏئي سگهن ٿا ۽ حڪومت انهن تي زور زبردستي نه ڪندي) وري 17 جولاءِ 1989 تي بينظير جي پهرين دور ۾ نوازشريف ۽ پي پي مخالف پارٽين جي اڳواڻيءَ ۾ ضياءَ جي پهرين ورسي ملهائي وئي هئي جنهن جي لاءِ انهن پارٽين پهريون دفعو اسلام آباد ۾ فيصل مسجد جو رخ ڪيو هيو، ۽ ان وقت گهرو وزير اعتزاز احسن هيو جنهن وڳوڙين کي محفوظ رستو فراهم ڪيو هيو ته اهي ڀلي ضياءَ جي قبر تائين اچن ۽ ان جي ورسي ملهائن، 16 نومبر 1992 ۾ بي بي صاحبا جي اڳواڻي ۾ نوازشريف جي خلاف لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هيو ان ڪري جو نوازشريف 1990 واري چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري چونڊون کٽيون هيون، ۽ ان ڌرڻي جي نتيجي ۾ صدر اسحاق اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون هيون پر 26 مئي 1993 تي ڪورٽ وري نوازشريف جي سرڪار بحال ڪري ڇڏي هئي پر 16 جولاءِ تي بي بي وري لانگ مارچ جي تياري ڪري ورتي هئي ۽ جنرل وحيد ڪاڪڙ جي مداخلت تي صدر اسحاق ۽ نوازشريف استعفائون ڏئي ڇڏيون هيون ۽ نين چونڊن ۾ بي بي صاحبا وري وزيراعظم بڻجي وئي هئي، جنرل مشرف جڏهن چيف جسٽس چودري افتخار کي مارچ 2007 ۾ کيس عهدي تان هٽائي وڪيلن ۽ ججن کي نشاني تي رکيو هيو، ان احتجاجن ۾ وڪيلن ۽ ججن سان ناانصافي جي ڪري اعتزاز احسن، منير اي ملڪ، علي احمد ڪرد ۽ سڄي ملڪ جا وڪيل هڪ ٿي ويا هيا (جنهن ۾ 12 مئي 2007 ۾ ڪراچي ۾ وڪلين ۽ عام شهرن جي رتوڇاڻ به ٿي هئي) ته چودري افتخار کي عهدي تي واپس آڻيو، ان ۾ سڀني سياسي پارٽين به حصو ورتو هيو جنهن ۾ بي بي صاحبا پنهنجي سر پاڻ حصو ورتو هيو ۽ نومبر 2007 ۾ چودري افتخار جي بحالي ممڪن ٿي هئي، آڪٽوبر 2013 ۽ مارچ 2014 ۾ بلوچن جي مسنگ پرسن جي لاءِ بلوچ عورتن ۽ مردن پيرين پنڌ اسلام آباد ڏي هلي پيا هيا، جيڪو حقيقت ۾ هڪ سچو لانگ مارچ هيو جنهن ۾ مسنگ پرسن جي لاءِ بلوچ مرد ۽ عورتون گڏ هيس جيڪي ڪراچي کان اسلام آباد روانا ٿيا هيا، ان گروپ ۾ 30 مرد ۽ عورتون شامل هيا جن 2000 ڪلوميٽر پنڌ ڪري موهن داس ڪرمچند جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هيو (جنهن 1930 ۾ لانگ مارچ ڪيو پر حڪومت انهن جا مطالبا نه مڃيا هيا جنهن کي ”سالٽ مارچ“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن) پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر طاهرالقادري لاهور کان اسلام آباد ڏي 14 جنوري 2013 ۾ لانگ مارچ ڪيو هيو جيڪو ڊي چوڪ تي مسلسل چار ڏينهن ۽ راتيون هليو تڏهن حڪومت جي طرفان هڪ وفد موڪليو ويو هيو جنهن طاهرالقادري سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو هو، يا پي ٽي آءِ وارن به ڊسمبر 2014 ۾ 120 ڏينهن وارو ڌرڻو هنيو هيو جنهن ۾ هنن نوازشريف کان استعفي جي گهُر ڪئي هئي، ۽ انهن جو مطالبو هيو ته 2013 وارين چونڊن جي آڊٽ ڪرائي وڃي ان وقت پي ٽي آءِ کي ڊاڪٽر طاهرالقادري به پٺ ڀرائي ڪرائي هئي جيڪو پنهنجن سپورٽرن سان ٻه مهينا اسلام آباد ۾ ٽڪي پيو هيو، ۽ ڳالهين کانپوءِ ان ڌرڻي کي ختم ڪيو ويو هيو (جنهن دوران 17 ڊسمبر 2013 ۾ پشاور جي ”اي پي ايس“ اسڪول تي طالبان حملو ڪيو هيو جنهن ۾ 140 معصوم ٻارڙا شهيد ڪيا ويا هيا).
2017 ۾ ٽي ايل پي هزارين ماڻهن گڏ ڪري اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي 20 ڏينهن جي لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو هيو جنهن ۾ فيض آباد (جيڪو ٻنهي شهرن جو انٽرچينج آ) اهو بند ڪري ويهي رهيا هيا، جنهن جي اڳواڻي مولانا خادم حسين رضويءَ ڪئي هئي، تڏهن حڪومت هنن جي ڇھ نڪاتي ايجنڊا مڃي به ورتي هئي جنهن دوران ڇھ ڄڻا چڪرين ۾ مارجي به ويا هئا ۽ ڪيترائي زخمي به ٿي ويا هئا، وري 2019 ۾ مولانا فضل الرحمن جي اڳواڻي ۾ هنن جو لانگ مارچ اسلام آباد جي لاءِ ڪراچي کان روانو ٿيو هيو، جيڪو 13 ڏنيهن هلي 27 آڪٽوبر تي ختم ٿي ويو هيو، وري 15 نومبر 2021 تي ناموس رسالت ريلي جنهن ٽي ايل پي جا مطالبا هيا ته 2019 ۾ خادم حسين رضوي سان ڪيل ڇھ نڪاتي ايجنڊا ۾ فرانس ۽ ڊينمارڪ جا سفارت خان بند ڪرڻ ۽ انهن جي پراڊڪٽ جو بائيڪاٽ ڪرڻ شامل هيو پر اهو احتجاج تمام گھڻو خوني هيو جو پوليس سان گڏ ٽي ايل پي جا ڪارڪن به مارجي ويا هيا، پر حڪومت بجاءِ جو هنن جا مطالبا مڃي، هنن جي تنظيم کي ڪالعدم قرار ڏئي هنن تي پابندي مڙهي ڇڏي هين، وري 22 فيبروري 2021 تي بلوچن جي مسنگ پرسن جي لاءِ اسلام آباد ۾ بلوچن جو پرامن ڌرڻو جاري رهيو جيڪو 16 فيبروري کان 22 فيبروري تائين جاري رهيو، ۽ پي پي وارن جو 28 مارچ 2022 تي ڪيل لانگ مارچ 8 مارچ تي 34 شهرن مان گذري وڃي ڊي چوڪ تي پڳو پر پرامن طريقي سان اختتام پذير ٿيو، پر ان سچي ڳالھ ڪرڻ جو مطلب صرف اهو آهي ته لانگ مارچ ڪجن، احتجاج ڪجن، ڌرڻا هڻجن، جلوس ڪڍجن پر پرامن هجن جنهن سان رتوڇاڻ نه ٿئي ان ڪري ملڪ جي بدنامي پنهنجي جاءِ ماڻهن جا روزگار ۽ روز جون ڪمايون رولهڙي جو شڪار بڻجي ٿيون وڃن جنهن جي ڪري ملڪي معيشت کي نقصان ٿو ٿئي جنهن جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ قانون جوڙي اهو مونجهارو هميشه جي لاءِ ختم ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں