تصديق ٿيل چور ثابت ٿيڻ تي عمران جو اسلام آباد ڊي چوڪ تي ھٿ ڪٽيو وڃي: راشد محمود سومرو

ڪراچي(بيورو رپورٽ)  جنرل سيڪريٽري  جمعيت علماء سنڌ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته عمران خان پاڪستان جو وفادار ناهي ھو ھندستان اسرائيل سميت پاڪستان مخالف ملڪن کان مليل فنڊن تحت  ملڪ کي ٽوڙڻ ، عوام ۾ اشتعال پکھڙڻ جھڙيو مڪرو سازشون ڪري رهيو آهي ، ھن چيو تہ اليڪشن ڪميشن پاران تصديق ٿيل چور جي شريعت موجب سزا مطابق عمران خان جو اسلام آباد ڊي چوڪ تي ھٿ ڪٽيو وڃي ۽ آمريڪي عدالت پاران عمران خان کي ٽيريان جو ناجائز والد جي آيل فيصلي تحت عمل ڪندي شريعت تحت سنگسار ڪرڻ جي سزا ڏني وڃي ، اھڙيون ڳالھيون ھن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ، مولانہ راشد محمود سومرو چيو ته عمران خان جي ساڍن ٽن سالن جي حڪومتي دور ۾ ڪيل عالمي معاهدن جي ڪري عوام ھڪ  ويلي جي ماني کان محروم ٿي چڪو آهي، اھڙي عوام دشمن  عمل  جي سزا طور کيس سري عام ڦاھي ڏني وڃي ، ھن وڌيڪ چيو ته 16 سال اڳ مولانہ فضل رحمان ، ڊاڪٽر آسرار احمد، حڪيم سعيد، حميد گل پاران عمران خان جي ملڪ دشمني بابت ڪيل اڳ ڪٿيون سامھون اچي چڪيون آهن ۽ ھاڻي اسٽبلشمينٽ کي بہ معلوم ٿي چڪو آهي تہ عمران خان غدار وطن آهي ، ھن چيو تہ عمران خان جي خوني انقلاب جو ڳالھيون ۽ عمل جيڪڏھن مولانہ فضل رحمان سميت مختلف پارٽين جي اڳواڻ ڪن ھا ته، ڇا انھن کي  برداشت ڪيو وڃي ھا، اتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته عمران خان جي خلاف ڪارروائي ڇو نہ ڪئي وڃي ٿي ، راشد محمود سومرو چيو ته شھيد صحافي ارشد ۽ صدف نعيم جي وارن واقعين جا پيرا عمران خان ڏانھن وڃن ٿا ، ھن چيو تہ ازادي مارچ ۾ عورتن جو بيحودا ناچ جو حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ھن ڪراچي مڇر ڪالوني واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪرڻ سميت سموري سنڌ مان ٻوڏ جي بيٺل پاڻي ، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ گھرن جي تعمير ، سم نالين تي سنڌ حڪومت پاران ھر سال ٿيندڙ خرچ ۽ بجيٽ کي عوام لاء ظاھر ڪرڻ جا مطالباڪيا ، مولانا راشد محمود سومرو چيو ته 6 نومبر تي نسيم نينگر حيدرآباد صوبائي ڪنوينشن ۽ 20 نومبر تي شڪارپور ۾ مرڪزي جلسو منعقد ڪيو ويندو جنھن ۾ قائد  مولانا فضل الرحمان شرڪت ڪندو ، ان موقعي تي صوبائي نائب امير سنڌ مولانا عبدالڪريم عابد ، صوبائي ماليت سنڌ مولانا غياث الدين، ڊپٽي سيڪريٽري اطلاعات سنڌ مولانا سميع الحق سواتي ، امير لاڙڪاڻو مولانا ناصر محمود سومرو ۽ حماد الله موجود ھئا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں