جهڏو (ن س) جهڏو ۾ ٻوڏ متاثرن جو اين جي اوز خلاف احتجاج، خبر موجب جهڏو جي ٻوڏ متاثرن ڀاڳڀري، لطيفان، هوران ،نسرين ۽ گل بانو جي اڳواڻي ۾خاڪي پير وٽ مين ميرپورخاص_مٺي روڊ تي اين جي اوز جي ٻہ اکيائي خلاف ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي هنن چيو تہ موجوده برساتي سيلاب ۾ سندن گهر گهاٽ ڪري لڙهي ويا آهن ۽ هو گذريل ٻن مهينن کان روڊن ۽ واهن ڪناري دڙن دڪن تي خانہ بدوشي واري زندگي گذاري رهيا آهن پر سرڪار پاران ڪابہ مدد ناهي ڪئي وئي جڏهن تہ تعلقي جهڏي ۾ ڪم ڪندڙ ڏيهي توڙي پرڏيهي اين جي اوز پڻ سياست جي ور چڙهيل آهن هنن الزام هڻندي چيو تہ اين جي اوز جو عملو صرف سفارش تائين محدود آهي جيڪو ٻوڏ متاثر مسڪين ماڻهن بدران ڀوتارن جي اشاري تي سروي ڪري من پسند ماڻهن کي امدادي سامان مهيا ڪري رهيو آهي جڏهن ته امدادي سامان جي ورهاست وڏيرن ۽ سياسي ماڻهن جي بنگلن تي ڪئي ويندي آهي جنھن سبب سخت پريشان آهيون هنن اختيار ڌڻين ۽ بين الاقوامي ادارن کان مطالبو ڪندي چيو تہ سندن حال تي رحم ڪندي فوري طور اين جي اوز جي جانبدار عملي خلاف شفاف جاچ ڪرائڻ سان گڏوگڏ ورهاست جا سياسي ھنڌ تبديل ڪري ويجهڙائي واري جاين تي سامان ڏنو وڃي.
