دادو(ڊ ر)دادو ۾ سماجي تنظيم قطر چيئرٽي پاران دادو جوهي جي ٻوڏ متاثر 1800 خاندان ۾ راشن تقسيم ڪرڻ دوران ٻوڏ متاثرن جي چهرن تي خوشي اچي وئي، ان موقعي تي قطر چيئرٽي سماجي تنظيم جي فيلڊ ڪوآرڊنيٽر اشرف مغل صحافين کي ٻڌايو ته هن وقت سڄي سنڌ جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن، ڪيترائي راهوسي پنهنجي گهر کان بي گهر ٿي ويا آهن جن مختلف جڳھين ۽ رستن تي پناھ ورتي آهي، سماجي تنظيم قطر چيئرٽي پاران پوري دادو ضلعي اندر سماجي ڪمن ۾ پھرين ڏينهن کان موجود آهي اڄ دادو، جوهي جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 1800خاندان کي راشن ڏنو ويو آهي هر هڪ خاندان کي 10 کان 12 هزار جو سامان جو ٿيلھو ڏنو آهي، جيئن هو آرام سان هڪ مهينو گذاري سگهن،اسان جي تنظيم جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن جي وڌ کان وڌ مدد ڪري سندن تڪليف دور ڪئي وڃي.
