حيدرآباد (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي مڇر ڪالوني ۾ ٻن سنڌي نوجوانن انجنيئر ايمن جاويد سعيد ۽ اسحاق پنھور جي قتل خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ڊاڪٽر گلزار جماڻي، ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، الطاف خاصخيلي، رفيق احمداڻي، غلام نبي سومرو، سنڌياڻي تحريڪ جي زينت سمون، نصرت خاصخيلي، خادم سمون، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، نظير بليدي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو تہ ڪراچي مڇر ڪالونيءَ ۾ انجنيئر ايمن جاويد سعيد ۽ اسحاق پنهور کي غير ملڪي بهارين دردناڪ طريقي سان پٿر هڻي شھيد ڪيو آھي. هي واقعو ملڪ جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن، سپريم ڪورٽ ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي. سنڌين جو سنڌ جي راڄ ڌاني ۾ قتل مايوسي سميت ڏک ۽ ڪاوڙ جو سبب بڻيو آھي. پ پ پ جي سنڌ سرڪار ڪو تحرڪ ناهي ورتو. پ پ پ سنڌين بجاء بهارين، بنگالين، برمين ۽ افغانين جي مدد ۾ ڪري رھي آھي. زينت سمون چيو تہ پ پ وزيرن ۽ دھشتگردن ٻوڏ جي تباھي ۾ ڪراچي ۾ متاثرن جي واھر ٻدران بيان ڏنا ته ڌاڙيل ڪراچي پيا اچن. ھنن خوف، انتشار ۽ نفرت پيدا ڪيو. ڊاڪٽر گلزار جماڻي چيو تہ اعليٰ اختيارين کان پڇڻ چاهيون ٿا ته ڇا ڪنهن بہ هجوم کي اهو اختيار مليل آھي تہ ڪنهن کي بہ روڊ تي پنهنجي عدالت قائم ڪري قتل ڪري ڇڏين؟ ٻنھي سنڌي نوجوانن جو قتل کليل دھشتگردي ۽ درندگي آھي. ڪنھن بہ دھشتگرد کي سنڌ ڌرتي تي برداشت نہ ڪيو ويندو.
