دادوءَ ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جو مقامي استاد مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو

دادو(رپورٽ:علي گوهر سومرو) دادو ۾  سول سوسائٽي، سياسي، سماجي ۽ استاد اڳواڻن غلام مرتضيٰ کوسو، محمد عيسيٰ شاھاڻي، عبدالعزيز ٻٻر، عبدالمجيد لغاري، رياض پنهور، عبدالحڪيم پنهور، نصير ملاح، ايوب مگسي، غازي خان جمالي،  ۽ ٻين استادن پاران مقامي استاد عبدالحفيظ شاھاڻي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف دادو پريس ڪلب اڳيان ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته دادو تعليم کاتي ۾ بايو ميٽرڪ جي اسسٽنٽ فيصل مستوئي ۽ چيف مانيٽرننگ آفيسر فاطمه گھلو گڏيل طور تي استادن مٿان مسلسل ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رھيا آھن ھنن چيو ته بايو ميٽرڪ سسٽم دادو جي اسسٽنٽ فيصل مستوئي اسڪول ۾ وزٽ دوران فيميل ٽيچرس سان نامناسب رويو اختيار ڪري حراسمينٽ ڪندو رھندو آھي  ھنن چيو ته اسڪول ۾ موجود استاد عبدالحفيظ شاھاڻي کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو ته بايو ميٽرڪ اسسٽنٽ فيصل مستوئي ڪاوڙ ۾ اچي گارگند ڪري پنھنجي قميس ڦاڙي ٿاڻي تي وڃي فرض شناس ۽ ايماندار استاد مٿان ھڪ ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي اھڙن بائيو مئٽرڪ اسسٽنٽن ۽ غير ذميوار سي ايم او دادو فاطمہ گھلو کي فور ضلعي دادو مان ھٽايو وڃي ۽ استاد حفيظ شاھاڻي مٿان ڪرايل ڪوڙو ڪيس ختم ڪرائي استادن سان انصاف ڪيو وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں