ڪراچي (خاص عيوضي) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي چونڊن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي لاءِ پروگريسو پئنل جو اميدوار علي خاصخيلي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي. سندس مقابلي ۾ بيٺل محي الدين ميمڻ مورائي جي اميدوار ڊاڪٽر سبين ڀنگر جو نالو ووٽر لسٽ ۾ مقرر تاريخ تي نه هجڻ سبب فارم رد ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين ارشاد قاضي، ميمبرن سهيل شيخ ۽ ڪليم آخوند پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته ڇنڊڇاڻ بعد ڄاڻ ملي آهي ته ڊآڪٽر سبين ڀنگر ووٽر لسٽ جي لاءِ مقرر ٿيل تاريخ 15 آگسٽ 2022ع تي ميمبرشپ واري لسٽ ۾ شامل نه ٿي سگهي هئي، انهي ڪري سندس اميدوار طور بيهڻ ۽ بيلٽ پيپر ۾ نالو نه ٿو ڏئي سگهجي. اليڪشن ڪاميٽيءَ جي هن فيصلي بعد جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي لاءِ علي خاصخيلي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ ڊاڪٽر سبين ڀنگر پنهنجي اميدوار ٿيڻ وارو فارم واپس وٺڻ جي درخواست پڻ اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏي هئي. علي خاصخيلي جي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ تي سڄي دنيا مان دوستن سوشل ميڊيا تي کيس مبارڪباد جا پيغام موڪليا آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي آهي ته علي خاصخيلي سانا لاءِ هڪ اثاثو ثابت ٿيندو.
