سنڌ جو امر راڳي ۽ سيڪيولر انسان ڀڳت ڪنور رام

سارنگ جويو
اَمر انسان، اَمر راڳي ۽ اَمر شهيد ڀڳت ڪنور رام جو جنم 13 اپريل 1885ع ۾ ضلعي گھوٽڪي جي ڳوٺ جروار ۾ ٿيو. ڀڳت ڪنور رام سنڌ جو اُھو نرالو ۽ بيباڪ ڪردار ھو، جيڪو راڳ کي عبادت سمجھندو ھو، سندس آواز ۾ اھڙي ته مٺاس هوندي ھُئي جو ماڻھن جا ھجوم جمع ٿي ويندا ھُئا. ڀڳت ڪنور رام پنھنجي ڪلام ۽ راڳ ذريعي سنڌ ۾ ھڪ اھم حيثيت رکي ٿو، جيڪو پنھنجي ڀڳتين ۽ ڪلامن ذريعي ملندڙ سموري ميڙي چونڊي سنڌ جي مسڪين غريب خاندانن ۾ ورھائي ڇڏيندو ھو، پوءِ اُھو مسڪين ڀلي ڪھڙي به مذھب ۽ مسلڪ جو ڇو نه ھُجي ھو ڪنھن ۾ به فرق نه ڪندو ھو. ڀڳت ڪنور رام ھڪ ويدانتي فڪر سان سلھاڙيل صوفي ۽ سيڪيولر يوڳي ھو، جنھن جو مذھب انسانيت ھو، جنھن جو ڪم انسانيت جي خدمت ڪرڻ ھو. ڀڳت ڪنور رام رھڙڪي درٻار جي گاديءَ تي سنت سترام داس کان پوءِ 1917ع ۾ ويٺو، سندس اھا گادي ڪا سياسي گادي يا پير پرستي تي ٻڌل گادي نه ھُئي پر اھا گادي محبت ۽ پيار ورھائڻ واري گادي ھُئي، جتان ھر مذھب ۽ مڪتبهءِ فڪر جو ماڻھو فيضياب ٿيندو ھو. ھن مھان انسان ۽ امر ڪلاڪار ڀڳت ڪنور رام کي سنڌ ۾ مذھبي نرسري جو بُنياد وجھندڙ انتھاپسنديءَ جي اڏي ڀرچونڊي جي گاديءَ جي پير ميان مٺوءَ جي پيءُ رُڪ ريلوي اسٽيشن وٽ پهرين نومبر 1939ع ۾ قتل ڪرايو ھو. اڄ به اھا گادي پنھنجي ان انتھاپسنديءَ واري رَوش تي قائم آھي، جيڪا اڄ به سنڌ جي اصلوڪن رھواسين سنڌي ھندن جي نياڻين کي زبردستي اغوا ڪري جبري مذھب مٽائڻ ۾ مُلوث آھي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں