اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان حڪومت بچائڻ لاءِ آرمي چيف کي مدي ۾ واڌ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، سندس مقصد اليڪشن نه پر رتو ڇاڻ ۽ مارشل لا لڳرائڻ آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب ڌمڪيون ۽ گار گند ڪرڻ سان اليڪشن نه ملندي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، عمران خان کي نااهلي جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي. مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو آهي ته عمران خان اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ چاهي ٿو پر ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، لانگ مارچ ۾ ڪجهه ماڻهن جي اڳيان بيهي چوي ٿو ته پورو ملڪ مون سان گڏ بيٺل آهي، اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ئي کيس واپس اماڻيو ويندو.ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عمران خان جو لانگ مارچ گوجرانوالا مان 6 ڏينهن تائين ٻاهر نه نڪرندو، بندوقن جون ڳالهيون ڪندڙ اڳتي وڌڻ لا تيار نه آهن. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته فيصل واوڊا کي پارٽي مان ڪڍڻ عمران خان جو ڊرامو آهي، واوڊا عمران خان جي چوڻ تي ئي پريس ڪانفرنس ڪئي. هن چيو ته اڳ به چيو هو ته هي لانگ مارچ فسادي مارچ آهي، رتوڇاڻ ۽ جنازن جي ڳالهه حڪومت کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪئي وئي. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان سان ڪنهن به هنڌ تي ۽ ڪنهن به سطح تي ڳالهيون نه پيون ٿين، اسلام آباد ۾ جٿا پهتا ته انهن جي سٺي خدمت ڪنداسين. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته عمران خان جو مارشل لا وارو بيان مذمت جوڳو آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله عمران خان کي ڳالهين جي مشروط آڇ ڪري ڇڏي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران راڻا ثناءُالله چيو ته عمران خان چوي ٿوته عوام جو سمنڊ مون سان گڏ هلي رهيو آهي. هلندي هلندي هنن جو تعداد گهٽ ٿيندو ويو. عمران خان ڪجهه سئو ماڻهن کي عوام جو سمنڊ چئي رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته عمران خان هڪ طرف ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ٻئي طرف پيرين پئجي رهيو آهي. عوام عمران خان جي لانگ مارچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اصل ۾ هي مارچ فتنه مارچ آهي، هي گمراهي مارچ آهي.
