لنڊن (م ڊ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم شهباز شريف ئي ڪندو، لانگ مارچ عمران خان جو آخري ڪارڊ هو اهو به هٿن مان ويو. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان عوام جي ٽئڪس جو پئسو پنهنجي لانگ مارچ تي لڳائي ڇڏيو، قومي وسيلن کي مارچ جي نالي تي بيدرديءَ سان لٽيو پيو وڃي، ايترا ماڻهو مارچ ۾ ناهن جيترا پنجاب حڪومت پاران ماڻهو ان جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل آهن. هن چيو ته عمران خان جي ڏوهن جي لسٽ ڊگهي آهي، سندس سياسي جدوجهد مشرف کان شروع ٿي. مريم نواز چيو ته شهباز شريف آرمي چيف جي مقرري آئين پٽاندڙ ڪندو، لانگ مارچ عمران خان جي آخري ڪارڊ هيو اهو به هٿن مان نڪري ويو ڇو جو عوام کيس رد ڪري ڇڏيو آهي. ن ليگ جي مرڪزي اڳواڻ چيو ته فارين فنڊيڊ فتني ڪوڙ ڳالهائڻ کانسواءِ ڪو ڪم ناهي ڪيو، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کيس نواز شريف جي ڪرپشن بابت ڪجهه چيو هوته ثبوت ڏسڻ گهرجن ها ڇاڪاڻ ته عدالتون شاهدين ۽ ثبوتن جي بنياد تي ئي فيصلا ڏينديون آهن. هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ پنجن ڏينهن کان لاهور ۾ ڦاٿل آهي، روز هي ٻه کان ٽي ڪلاڪ سفر ڪري لانگ مارچ ختم ڪري ڇڏين ٿا، سلسلو اهڙي نموني هلندو رهيو ته هي هڪ ميهني ۾ اسلام آباد پهچندا. سندس چوڻ هو ته ڪوڙ، مڪاري ۽ دوکي سان قومي سلامتي خلاف سازشي بيانيو گهڙيو ويو، جنهن لاءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ کي منظرعام تي اچڻو پيو . هن چيو ته عمران خان رات جو سندن پير جڏهن ته ڏينهن جو کين ڳچي کان پڪڙي ٿو، رات جو لڪي لڪي ملاقاتن بابت هاڻ قوم ڄاڻي چڪي آهي ۽ اها ان فتني تي يقين نٿي ڪري، ايندڙ ڏينهن عمران خان بابت وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون.
