قومي ڪارڪن مٺو مهيري جي اباڻي ڳوٺ ۾ تدفين ڪئي وئي

بدين(ڊ ر) سنڌ جي قومي حقن لاءِ سڄي زندگي جدوجهد ڪندڙ ۽ ڪالاباغ ڊيم ۽ مارشلاء جي ڪاري دور خلاف ھر جدوجهد ۾ سنڌ جو قومي ڪارڪن ٿي سرواڻي ڪندڙ ۽ سنڌ جو يگانو عاشق نظرياتي ڪارڪن  شھيد فاضل راھو ۽ رسول بخش پليجو جو پراڻو ساٿي ايم آرڊي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن شاهه لطيف جو پارکوجنرل ضياء الحق جي مارشلاء ۾ ڪوڙا کائيندڙ  مختلف جيل ڪاٽيندڙ منفرد انداز سان انقلابي گيت ڳائيندڙ مٺو مھيري 60 ورھين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو کيس گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ دل جو دورو پيو جنهن سبب ھن کي ھڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي ھو زندگي جي جنگ ھارائي ويو ۽ ھميش لاء سنڌ کان موڪلائي ويو سندس جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ حاجي چاڪر مھيري ۾ ادا ڪئي وئي جنازي نماز ۾ صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو محمد اسلم راھو سردار غلام محمد ملڪاڻي اڳوڻو ايم پي اي محمد نواز چانڊيو لاڙ پٽ جو ناليوارو اديب ۽ صحافي مصطفيٰ مھيري، حفيظ ڪنڀر، ناليوارو صحافي دودو چانڊيو، شھيد فاضل راھو جي خاندان جي فردن سميت وڏي انگ ۾ اديبن شاعرن صحافين ۽ مھيري برادي شرڪت ڪئي مٺو مھيري شيخ اياز، سرويچ سجاولي، ابراھيم منشي، استاد بخاري، آڪاش انصاري جي شاعري کي پنهنجي منفرد انداز ڳائيندو ھو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں