ماضي جو ڪارو غلام ۽ حال ۾ گورن جو وزيراعظم

طفيل مگسي
اڄ کان اٽڪل 76 سال اڳ برطانوي بيٺڪيتي سامراج جي ڪميڻي مٿي واري تاج تي سڙيل لفظن جو هڪ جملو“ ڪتا ۽ ڪارا هندستاني داخل نٿا ٿي سگهن“لکيل هوندو هو.مگر اڄ قدرت جو قانون چئجي يا سامراج جي چالاڪي چئجي ته ساڳيو ئي ڪارو هندستاني گوري برطانوي سامراج جو وزيراعظم بڻجي ويو آھي. اها ته ٿي وئي هڪ ڪاري برصغير جي ٽرولنگ يعني عام خيال.هاڻي ٿورو اچو ته اهو ڏسون ته ائين ڇو ٿيو .جيڪو وڌيڪ اهم آھي. ويجهڙائي ۾ ڀارت دنيا جي پنجين وڏي معشيت هئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آھي.هن کان اڳ ان پوزيشن تي سامراج ويٺل هو.ظاھر آھي ته ڀارت کي ان پوزيشن تي وٺي اچڻ جو ڀٽڪو هن جي ڪاروباري ماڻھن جي اهليت ۽ حڪومت جي جاکوڙي پوزيشن ڏانهن وڃي ٿو.جنهن جي بدولت هن کي اهائي پوزيشن حاصل ٿي.ان ۾ ڪجه ٻه ٽي اهم فيڪٽر به آھن جن کي پڻ بيان ڪندو هلان ته جيئن قاري خبروار رهي سگهن. ڀارتين پنهنجو ڪاروبار ۽ ان جي سياسي ۽ بيوروڪريٽ مافيا پنهنجو ٻه نمبر پئسو ڪئنيڊا، آمريڪا، امارات ۽ ٻين ملڪن ۾ ڄمائي ڪري ۽ گڏ ڪري سامراج کي گوڏين ڀر ڪيرائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته سامراج ايشن ماڻھن جي پئسن سان هلندو آھي جنهن ۾ ڀارتي پاڪستاني ۽ عرب شيخ سرفهرست آھي. ٻين ملڪن جي جائز ناجائز پئسن جي آخري آرامگاه لنڊن هئي. ڀارتين ٻيون جگهيون به ڳولي ورتيون مگر پاڪستان ويچارو اڃا تائين سامراج جي ڀٺي تي سوار بڻيو ويٺو آھي.ليڪن سچائي جي عينڪ اکين تي چاڙھي ڏٺو وڃي ته پاڻ در در تي پندڙ پاڪستاني مافيا وٽ ايترو پئسو ناهي ته اها سامراج جي ديوهيڪل اڪانومي جو فيول بڻجي سگهي. ان ڪري ڀارتين جي هليئي وڃڻ جي نتيجي ۾ سامراج جي معاشي حالت اوقيانوس سمنڊ ۾ ٽٽل ڀڳل جهاز جيان ٿي ڇڪي آھي جيڪو لهرن ۽ ڇولين جي رحم وڪرم تي لمي لڏي رهيو آھي.ان کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي لاءِ برطانيه رشي سونڪ هڪ ڀارتي نسل جي فرد کي وزيراعظم مقرر ڪيو آھي ته جيئن ڀارتي پنهنجي وطن جي فرد جي ڪشش کي محسوس ڪندي ٻيهر برطانيه سامراج جو رخ ڪن. ٻيو فيڪٽر اهو آھي ته چين جو رستو محدود ڪجي.ان جي مطابق 2030ع ۾ چين ڌرتي جي گولي جواڪيلو وارث ھوندو. ڇاڪاڻ ته چين کانپوءِ ڀارت ئي دنيا جي سڀ کان وڏي منڊي آھي.ان ڪري چين جي مقابلي جي لاءِ سامراج ڀارت کي اڳتي آڻي رهيو آھي ۽ معاشي پوزيشن جي اها هڪ خاص گيم جو حصو آھي. وزيراعظم جي مقرري سميت اهڙيون ٻيون به ڪافي ڀرتيون اوهان کي اڳتي پڻ ڏسڻ جي لاءِ ملنديون رهنديون. چين جي خلاف پاڪستان ۽ ڀارت کي گڏ ڪرڻ تي زور شور سان ڪم جاري آھي. ڪشمير کي پاڪستان کان سدائين جي لاءِ ھٿ کڻايو ويندو. پاڪستان ۾ ھٿرادو مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جو وڌڻ، ذھني تشدد جي حد تائين ڇڙواڳي، فوج کي پريشرائيز ڪرڻ ۽ ملائيت جو معاشري تي چٽو نظر اچڻ سموريون سامراج جون رانديون آھن جن وسيلي اهو ويجهڙي مستقبل ۾ ڀارت ۽ پاڪستان کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻيندو.پهرين ڳالهين جو دور ڪرايو ويندو. پوءِ ڀارت ڪشميرين جي ڊينٽيشن ختم ڪرائي رستو کولرايو ويندو.واهگا ۾ بس سروس کولي ويندي.پاڪستان کي ورلڊ بينڪ.آئي ايم ايف پاڻي جيان ڊالر ڏيندو. ڀارتي مال پاڪستاني منڊي ۾ پهچندو ته مهانگائي ختم ٿي ويندي. دائون سستيون ٿينديون.دبئي جي بجاءَ ڪرتار پوره جي رستي سان واپار ٿيندو. ان دوران روس افغان جنگ جيان ملائيت ۾ جهادي پيدا ڪيا ويندا جيڪي هڪ ڀيرو وري روسي ڪميونزم جيان چيني ڪميونزم جي خلاف جهاد جي لاء تيار ڪيا ويندا.ملان هاڻي اوهان کي ٽوڊي ۽ پيراڊو تي ويٺل ملندو ۽ سندس جيبون ڊالرن سان ڀريل هونديون.هن ڀيري مولوي فضل الرحمان ۽ رضوي کي ڪلٽس جي ريس جو پشوري گهوڙو بڻايو ويندو. ٻن ٽن ڳالهين جو هرهنڌ ذڪر وفڪر هلندو.هڪ ياجوج ماجوج ۽ کائڻ پيئڻ.چين کي جهادي ياجوج ماجوج سڏيندو ۽ انهن جي کاڌن کي نفرت انگيز بڻائي ڪري پيش ڪيو ويندو. سو ترقي پسندن جي اها ٻيڻي ذميواري آھي ته اهي سامراج جي بدنيتي جي ڳوڙھائي ۾ گهڙي ڪري ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ۽ سندس ڪم ڪرڻ واري طريقيڪار کي احسن نموني سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ته جيئن ان سموري راند کي شڪست ڏئي سگهجي.جيڪا هن خطي ۾ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں