مُرلي وڄائي عالمي مڃتا ماڻيندڙ مصري جوڳي جي خيرات جي ماني ٿي گذري

عمرڪوٽ(ڊ ر) مُرلي جي ڌن تي نانگ نچائي دنيا ۾ عالمي مڃتا ماڻيندڙ صدارتي ايواڊ يافته ناليواري فنڪار جوڳي برادري جي سردار سرڳواسي مصري جوڳي جي خيرات جي ماني عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ويھرو لڳ مصري جوڳي ڪالوني ۾ ٿي گذري جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي فرزند ٿرپارڪر ضلعي جي اڳوڻي وائس چيئرمين ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو، سماجي تنظيم سيو دي لائيوز فائونڊيشن جي سي او انجنئير ڪنھيا موھن لال، سرڳواسي جي پٽ مور جوڳي سميت جوڳي برادري جي سنڌ جي مختلف شھرن مان آيل ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي خيرات جي ماني جي موقعي تي سڄي رات ڀڳتي ستسنگ پڻ ٿي گذريو ان موقعي تي سرڳواسي جي ديھانت تي ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو ۽ ٻين طرفان لفظي ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي سرڳواسي مصري جوڳي جي پٽ مور جوڳي صحافين کي ٻڌايو ته سندس والد جي سرڳواس پڌارڻ کانپوء اسانجي ريتي رواج جي حساب سان پھريون تھوار گذرڻ بعد خيرات جي ماني (ٻارس) ٿي آھي واضع رھي ته سرڳواسي مصري جوڳي لنڊن، برطانيا، آمريڪا، دبئي سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مُرلي تي نانگ نچائي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي دور 2013ع  ۾ مصري جوڳي کي صدارتي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں