ٽنڊو آدم ۾ برسات دوران گهرن جي ٿيل نقصان جي سروي وارو ڪم شروع ٿي ويو

ٽنڊوآدم ( ن س ) ڊي سي سانگھڙ جي حڪم تي تعلقي ٽنڊوآدم ۾ برسات دوران ٿيل گھرن جي نقصان جو سروي ڪرڻ لاء ٽيمون ٽنڊوآدم شھر سميت ڳوٺن ۾ پھچي سروي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو سروي ٽيمن ۾ فوجي اھلڪار . تپيدار . يوسي سيڪريٽري . استاد ۽ علائقي جا معززين شامل آھن جيڪي گھر گھر وڃي متاثرين جي ٿيل نقصان جا تفصيل گڏ ڪري ضلعي انتظاميه حوالي ڪندا. اسسٽنٽ ڪمشنر عمران نظير شيخ . مختيارڪار رحم علي زرداري برسات متاثرين کي اپيل ڪئي ته سروي ٽيمن سان تعاون ڪن ۽ صحيح معلومات فراھم ڪن جيئن نقصان جو ازالو ٿي سگھي واضح رھي ته سنڌ حڪومت برسات متاثرين جي بحالي لاء سڄي سنڌ ۾ سروي جو ڪم ڪرائي رھي آھي جيئن برسات متاثرين جي ٿيل نقصان جا انگ اکر گڏ ڪري سندن مالي مدد ٿي سگھي .  

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں

اپنا تبصرہ بھیجیں