ڪراچي (پ ر) پيپلز اسٽاف يونين سي بي اي جي صدر احمد نواز سميجو ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي پورهئي واري وزير سعيد غني سان سوشل سيڪيورٽي جي ملازمن جي مسئلن جي حوالي سان تفصيلي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ سي بي اي صدر احمد نواز سميجو سوشل سيڪيورٽي جي گورننگ باڊي جي چيئرمين سعيد غني کي سيسي جي سمورن ملازمن جي ڀلائي لاءِ ٽائيم اسڪيل منظور ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته سوشل سيڪيورٽي ملازمن کي سالن کان چارٽر آف ڊمانڊ ناهي مليو. ملازمن جي ڊي پي سي خاص طور تي ميڊيڪل وارن جو سروس اسٽريڪچر اداري ۾ التوا جو شڪار لڳو پيو آهي انهن مسئلن کي به فوري طور حل ڪرائي ڏنو وڃي. هن چيو ته هائوس بلڊنگ لون، اينوريريم، ٽرانسفر پوسٽنگ، سيسي ملازمن لاءِ هائوسنگ اسڪيم ۽ 89 ڊيز وارن سمورن ملازمن مستقل ڪيو وڃي. جنهن تي ليبر منسٽر سعيد غني سمورن مطالبن کي تسليم ڪندي انهن کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته ملازم سکيا هوندا ته سوشل سيڪيورٽي به مضبوط ٿيندي.احمد نواز سميجو چيو آهي ته تمام جلد سي بي اي ۽ ميڊيڪل ايسوسيئيشن وارن سان گڏجي ليبر منسٽر سعيد غني سان انهن مطالبن جي حل لاءِ گڏيل ميٽنگ رکي ويندي
