پکو (رپورٽ :عبدالھادي ميئو) پکو لڳ پوليس جو ڪارنامو، 3 معصوم نياڻن کي چوري الزام ۾ ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو، ٻارڙين جون دانھون، وارث پوليس ڊپ کان نامعلوم ھنڌ ھليا ويا. لعلورائنڪ پوليس ميڊيڪل اسٽور مالڪ جي شڪايت تي خانه بدوش قبيلي جي ٽن معصوم نياڻين رمشا سيما ۽ نظيران جعفري کي وچ شھر مان کنڀي موبائل ۾ وجھي ٿاڻي تي آندو معصوم نينگرين جون ٿاڻي اندر ڪيھون پوليس جي ڊپ کان خيما ھڻي ويٺل وارث نامعلوم ھنڌ ھليا ويا نينگرين جي گرفتاري ۽ پوليس جي اھڙي عمل تي سماجي ڌرين ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل. رپورٽ موجب پکو لڳ پوليس جو ڪارنامو 3 معصوم نياڻن کي چوري الزام ۾ ٿاڻي تي ويھاري ڇڏيو ٻارڙين جون دانھون وارث پوليس ڊپ کان نامعلوم ھنڌ ھليا ويا لعلورائنڪ پوليس ميڊيڪل اسٽور مالڪ جي شڪايت تي خانه بدوش قبيلي جي ٽن معصوم نياڻين رمشا سيما ۽ نظيران جعفري کي وچ شھر مان کنڀي موبائل ۾ وجھي ٿاڻي تي آندو معصوم نينگرين جون ٿاڻي اندر ڪيھون پوليس جي ڊپ کان خيما ھڻي ويٺل وارث نامعلوم ھنڌ ھليا ويا ان ڏس ۾ گذريل ڏينھن لعلورائنڪ جي مين بازار ۾ ميڊيڪل اسٽور هلائيندڙ خليل شاھ جي شڪايت پوليس شھر اندر گھمندڙ ٽن معصوم نينگرين رمشا سيما ۽ نظيران ڌيءُ وسيم جعفري کي موبائل ۾ کنڀي ويھاريو ته ٻارڙين ۾ رڙيون پئجي ويون ۽ ھو دانھون ڪرڻ لڳيون جنھن تي وڏي تعداد ۾ شھري گڏ ٿي ويا پر پوليس نينگرين کي کڻي ٿاڻي تي آندو جتي نينگرين کي آڏي پڇا ڪري حراسان ڪيو ويو جڏھن ته پوليس نينگرين جي وارثن کي گرفتار ڪرڻ لاءّ شھر ٻاھران خيما بستي تي پڻ چڙھائي ڪئي پر نينگرين جا وارث پوليس جي ڊپ کان اڳ خيما خالي ڪري نامعلوم ھنڌ ھليا ويا ٻئي طرف ميڊيڪل اسٽور ھلائيندڙ خليل شاھ گرفتار نينگرين تي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته گرفتار نينگريون شاھينگ آھن جن منھنجي ميڊيڪل اسٽور تي دوا بهاني خاني مان پئسا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڏسي ورتوسين ۽ کين پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آھي.
