ڪراچي (رپورٽ: نصرالله جمالي ) مڇر ڪالوني ۾ نجي ڪمپني جي ٻن نوجوان ملازمن کي ھجوم طرفان وحشياڻي تشدد واري واقعي تي سنڌ ھاء ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس جناب احمد علي شيخ طرفان ورتل نوٽيس تي پراونشل انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي انويسٽيگيشن پيش ٿي واقعي جي رپورٽ جمع ڪرائي جنهن تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس جناب احمد علي شيخ رپورٽ جو جائزو ورتو ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس کي واقعي جي رپورٽ پيش ڪرڻ کان پوءِ آء جي پي سنڌ غلام نبي ميمڻ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو آهي تہ چيف جسٽس مونکي ۽ ڊي آء جي کي مڇر ڪالوني واري واقعي ۽ ڪيس جي اڳڀرائي لاءِ گھرايو ھو، جنھن تي چيف جسٽس اڳيان پيش ٿي مڇر ڪالوني معاملي بابت رپورٽ پيش ڪئي آھي جنھن ۾ 15 جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي. جنهن مان چئن جوابدارن جي پريڊ ۾ سڃاڻپ ٿي وئي آھي. جن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آھي جن جو پوليس عدالت کان رمانڊ ورتو آهي. باقي جوابدارن جي پريڊ ذريعي سڀاڻي جانچ ورتي ويندي پوليس سمورن طرفن کان جائزو وٺي رھي آھي. جنھن جي جانچ ايس ايس پي انويسٽيگيشن ڪيماڙي پاڻ ڪري رهيو آهي. غلام نبي ميمڻ سوال جو جواب ڏيندي چيو تہ مونکي جيڪا معلومات آھي پيش امام جو رول پازيٽو ھيو. ان ماڻھن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جڏهن تہ جن وٽ شناختي ڪارڊ ناھن اھي پاڪستاني ناھن انھن جي خلاف الڳ سان پاڪستان جي قانون مطابق ڪارروائي ڪئي ويندي. آئي جي سنڌ احتجاج ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪرڻ واري سوال تي جواب ڏيندي چيو تہ احتجاج جو حق سڀني کي آھي پر جيڪو قانون جي خلاف ڳالھ ڪندو ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي پريس ڪلب ۾ احتجاج دوران واقعي کان ھٽي ڪري رياست خلاف نعريبازي ڪئي وئي جنهن سبب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ھن وڌيڪ ڳالهائندي چيو تہ پوليس جو.ڪم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آھي، جيڪو پوليس آفيسر ڪم نه ڪندو ان کي سزا ڏني ويندي عوام پنھنجي ڪمرشل جڳھن تي سي سي ٽي وي ڪيمرا لڳائي مشڪوڪ ماڻھن کي ڏسي پوليس کي اطلاع ڪري جيڪو به واقعو ٿئي ٿو پوليس ان جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري ٿي پر ڪارروائي ڪرڻ ۾ ٿورو ٽائيم لڳي وڃي ٿو. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو تہ اسلام آباد لانگ مارچ ۾ ھڪ به پوليس اھلڪار ٿاڻي جو ناھي ويو ھي ٽريننگ سينٽر وارا اھلڪار اسلام آباد ويا آھن جن کي قانون مطابق موڪليو ويو آهي .
