لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) رتوديرو ۾ ايف ايف سي پاران فيلڊ ڊي جي موقعي تي ڊي اي پي ڀاڻ جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب رتوديرو ۾ فوجي فرٽيلائيزر ڪمپني جي طرفان چانورن جي فصل بابت فيلڊ ڊي جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ هارين ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ايگري سروسز هيڊ حيدرآباد شفيق الرحمان چيو ته ايف ايف سي طرفان حڪومت پاڪستان سان ملي ڪري ڊي اي پي ڀاڻ جي قيمت ۾ 2350 روپين جي گهٽتائي ڪئي آهي ته جيئن هاري سفارش ڪيل ڀاڻ پوري مقدار ڊي اي پي وجهي وڌ کان وڌ فائدو حاصل ڪري سگهن. ايف ايف سي لاڙڪاڻو جي زرعي ماهر نياز احمد خان چيو ته ايف ايف سي جا ڀاڻ سونا يوريا، سونا ڊي اي پي، ايف ايف سي ايس او پي ۽ نابالغ جزن سونا زنک ۽ سونا بوران جو وقت تي استعمال ڪريو ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪيو، سونا ڊي اي پي يا ايف ايف سي ڊي اي پي جي استعمال سان جڙ جي بهتر واڌ، وڌيڪ ٿڙ ٺهڻ ۽ داڻي کي ٿلهو ڪري پيداوار ۾ اضافو ڪندي آهي. ايف ايف سي جي سيلز آفيسر مقصود احمد ڪمپني جي ڀاڻن جي دستيابي ۽ زرعي خدمتن جي باري ۾ ڳالھايو. تقريب ۾ ڊائريڪٽر ايگري لال ڏنو جوڻيجو، ڊپٽي ڊائريڪٽر اسدالله سولنگي، ڊپٽي ڊائريڪٽر سعيد تونيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر لال ڏنو جوڻيجو برساتن ۽ ٻوڏ کان پوءِ سنڌ حڪومت جي منصوبن ۽ سهولتن تي تفصيلي طور آگاهي ڏني. آخر ۾ عزيز الرحمان سمورن شرڪت ڪندڙن جو شڪريو پڻ ادا ڪيو.
